نسيم، شاهين کان وڌيڪ خطرناڪ بالر آهي: محمد حفيظ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد حفيظ شاهين جي جاءِ تي نسيم شاهه کي شروعاتي اوورن ۾ وڌيڪ اثرائتو قرار ڏئي ڇڏيو.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي محمد حفيظ چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهين آفريدي شاندار بالر آهي، هو سموري دنيا ۾ شروعاتي اوورن سبب ڄاتو ويندو آهي پر مان سمجهان ٿو ته نسيم شاهه ابتدائي اوورن ۾ وڌيڪ خطرناڪ بالر آهي.
سندس چوڻ هوته نسيم شاهه جي سوئنگ ۽ لينٿ کان بيٽر ڊنل هوندا آهن، فاسٽ بالر بيٽرن کي غلطي تي مجبور ڪندو آهي، هن ۾ وڪيٽ وٺڻ جي صلاحيت آهي.
ان موقعي تي وسيم اڪرم ٻڌايو ته نسيم شاهه، پشاور زلمي خلاف به گُڊ لينٿ تي بالنگ ڪئي جنهنڪري کيس وڪيٽون مليون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.