گرمي کان ڇوٽڪاري لاءِ ناريل جي پاڻي مان ٺهندڙ بهترين شربت

ناريل جي پاڻي کي جديد شربتن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، اهو قدرتي طور تي مٺو ۽ هائڊريٽڊ آهي ۽ ان شربت ۾ پوٽاشيم جو ججهو مقدار موجود هجي ٿو.

گرمي ۾ ان جو استعمال وڌي ويندو آهي، اهو نه رڳو هيٽ ويو کان بچاءَ لاءِ فائديمند آهي پر ان جي پاڻي سان اوهان سڄو ڏينهن تازا رهندئو.

هيلٿ لائن جي رپورٽ موجب ناريل جو پاڻي دل ۽ بڪين سوڌو اوهان جي صحت کي ڀرپور فائدا پهچائي ٿو.

اهو ئي نه پر ناريل جو پاڻي شگر جي مريضن لاءِ به فائديمند آهي، ان ۾ موجود ميگنيشيم ٽائپ 2 شگر ۽ پري شگر وارن مريضن جي بلڊ شگر ليول کي گھٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي اها ڳالهه اهم آهي ته ناريل جي پاڻي ۾ ڪاربوهائڊريٽ هوندا آهن (جيڪي گلوڪوز ۾ تبديل ٿي ويندا آهن) تنهنڪري جيڪڏهن اوهان شگر يا پري شگر جا مريض آهيو ته ناريل جو پاڻي استعمال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڊاڪٽر سان رابطو ضرور ڪريو.

انب ۽ ناريل جي پاڻي جو شربت

انب نه رڳو کائڻ ۾ مزيدار ٿئي ٿو پر اهو غذائيت سان به ڀرپور هجي ٿو، ان ۾ فائبر آڪسيڊينس ۽ وٽامنز هوندا آهن جيڪي صحت کي توانائي فراهم ڪندا آهن، اهڙي بهترين ميوي سان گڏ ناريل جو پاڻي شامل ڪيو وڃي ته اوهان سڄو ڏينهن تازا رهندئو.

جُز

1/2 وڍيل انب

ناريل جو پاڻي

تخم ملنگا

تيار ڪرڻ جي ترڪيب :

سمورن جزن کي جوسر مشين ۾ وجهي بلينڊ ڪيو.

هڪ گلاس ۾ ڪجهه آئيس ڪيوبز وجهو.

2 چمچا تخم ملنگا ۽ بلينڊ ڪيل آميزي کي گلاس ۾ وجهو.

سٺي طريقي سان مڪس ڪرڻ کان پوءِ انجواءِ ڪيو.

ناري جي پاڻي ۽ کير جو شربت

جُز

ناري جو پاڻي

کير

الائچي پائوڊر

کنڊ

ڪاجو

بادام

تيار ڪرڻ جي ترڪيب

جوسر مشين ۾ ناريل جو پاڻي، کير ، الائچي پائوڊر ۽ کنڊ وجهي سٺي نموني بلينڊ ڪيو.

هاڻ ان کي گلاس ۾ وجهو ۽ بادام ۽ ڪاجو سان گارنش ڪري مزو وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.