نان ختائي بسڪيٽ سستا ۽ مزيدار، گهر ويٺي ٺاهڻ سکو

بسڻ جا نان ختائي بسڪيٽ سستا ۽ مزيدار ٺاهڻ لاءِ اوهان کي هيٺ ڏنل شيون گهربل هونديون.

کنڊ هڪ ڪپ

تيل اڌ ڪپ

آني جي زردي 2 عدد

بيسڻ هڪ ڪپ

ميدو هڪ ڪپ

بيڪنگ پائوڊ اڌ چانهه جو چمچو

طريقو

سڀ کان پهريان بيسڻ،ميدو، کنڊ، بيڪنگ پائوڊر وجهي مڪس ڪريو، تيل وجهي سڀني شين کي سٺي نموني رلايو، ايترو مڪس ڪريو جو مڪسچر ٿانو ۾ نه چنبڙي.

هاڻي ان پنهنجي پسند جي سائيز جا نان ختائي ٺاهيو ۽ ان تي آني جي زردي لڳايو.

هاڻي ان کي پچائڻ جو وقت اچي ويو آهي.

اوون ۾ 220 ڊگري سينٽي گريڊ تي 10 کان 15 منٽ پچايو.

جڏهن مٿان سونهري رنگ ٿي وڃي ته انهن کي ڪڍي وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.