انساني دماغ کي ڪمپيوٽر بڻائيندڙ ڪجهه يوناني اصول!

يونان جي حوالي سان ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته يونان جا ماڻهو ڪيترا ذهين هئا. اهو قصو به سڀني کي ٻڌل هوندو جنهن ۾ يوناني ماڻهن جو عقل جاچڻ لاءِ انساني شڪل ۾ آيل هڪ فرشتو يونان جي هڪ ٻار کان پڇندو آهي ته ڪائنات ۾ ڦلاڻي فرشتي جو وجود آهي يا نه؟ ۽ هن وقت اهو ڪٿي آهي؟ جنهن تي اهو ٻار کيس ٽي مختلف صحيح جواب ڏيڻ کانپوءِ آخر اهو چوندو آهي ته اهو فرشتو يا تون آهين يا مان آهيان! جنهن تي فرشتو دنگ رهجي ويندو آهي!

ٻين ڳالهين کي پاسي تي رکي رڳو اها ڳالهه ڪجي ته جنهن به ماڻهو ٻه اکر پڙهيا هوندا ان ارسطو ۽ سقراط ته ضرور ٻڌا هوندا! انهن جي ڪم ڪار جي ڳالهه ڪبي ته موضوع گهڻو اڳتي وڌي ويندو ايترو ڪافي آهي ته:

ارسطو تاريخ جو پهريون بهترين سائسندان مڃيو ويندو آهي جيڪو لاجڪس جو تمام وڏو ماهر هو.

ارسطو، پليٽو جو شاگرد هو جڏهن ته پليٽو وري سقراط جو شاگرد هو، سقراط ۽ پليٽو به تاريخ جا تمام وڏا نالا آهن جن لاءِ ايترو ئي چئبو ته: سقراط جي شاگرد پليٽو جو شاگرد ارسطو بڻيو، ته ارسطو جو استاد پليٽو ۽ پليٽو جو استاد سقراط ڇا هوندا؟

بهرحال يونان جي ايجادن جي به ڳالهه نٿا ڪيون اهو هڪ الڳ موضوع آهي جيڪو عوامي آواز ويب سائيٽ جي سائنس واري ڪيٽيگري ۾ توهان کي ملي سگهي ٿو، جيئن ته هتي اسان پنهنجي پڙهندڙن کي صحت بابت ڄاڻ ڏيندا آهيون جيڪا کي شروع ڪجي ٿو ڳالهه جو مقصد صرف ۽ صرف لاجڪس کي نوٽ ڪرڻ هو ته يونان جا وڏا ماهر لاجڪس جا ڌڻي هئا.

اهڙي حوالي سان يوناني ماهرن انساني دماغ کي ڪمپيوٽر جيتري طاقت ڏيڻ لاءِ ڪجهه اصول، ٽوٽڪا يا کڻي هدايتون چئو) ٻڌايون آهن جيڪي وڏيون ڪارائتيون ثابت ٿين ٿيون. انهن اصولن تي عمل ڪجي ته ماڻهو ڏسندي ئي ڏسندي بنا ڪنهن محنت ۽ وڏي خفي جي ذهين بڻجي سگهي ٿو ۽ اهڙي اصولن جو اندازو يونان جي وڏن دماغن مان لڳائي سگهجي ٿو.

بنا دير جي اسان انهن چوڻين يا اصولن بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا.

يوناني ماهرن جو چوڻ آهي ته گهمڻ دوران پهريون سڄو پير اڳتي وڌائڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي.

ٿوري دير اکيون بند ڪري، ڪتاب پڙهڻ، اکيون بند ڪري وري ڪتاب پڙهڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي.

ٽن ماڻهن سان ويهي ڳالهائڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي.

اڌ رات جو ننڊ مان اٿي ستارن ڏانهن ڏسڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي.

اهي هيا يوناني ماهرن جا چار سولا اصول جن تي عمل ڪجي ته دماغ کي ڪمپيوٽر جيتري طاقت ڏئي سگهجي ٿي، پر انکانسواءِ يوناني ماهرن جون گهريلو زندگي جي لاءِ به ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي اوهان سان ونڊجن ٿيون.

يونان جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گهر ۾ ڦودنو پوکيل هجي ته گهر ۾ ڪرڙيون ناهن ٿينديون.

گهر ۾ ٻُهاري اُڀي ڪري رکجي ته ڪانوَ ناهن ايندا.

گهر ۾ وڏڦن جو ٻوٽو هجي ته گهر ۾ نانگ ناهن ايندا.

گهر ۾ سيهڙ پالڻ سان جيت جڻيا ناهن ٿيندا.

گهر ۾ نوريئڙو هجي ته لال بيگ ناهن هوندا.

گهر ۾ توت جو وڻ هجي ته کٽن، درن درين ۽ ٻئي ڪاٺ کي سُرو ناهي لڳندو.

گهر ۾ نِم جو وڻ هجي ۽ ان وڻ جي هيٺان ويهجي ته سئو کان مٿي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن گهر ۾ بيد مشق جو وڻ هجي ته پنجاهه سالن تائين ڪنهن کي زڪام نه ٿيندو.

جنهن گهر ۾ ڪڪڙ يا ڪڪڙيون هونديون آهن انهن گهر ۾ به سُرو ناهي هوندو.

جنهن گهر ۾ بدڪ هوندي آهي ان ۾ زمين تي ريڙهيون پائيندڙ جيت ناهن ٿيندا.

جنهن گهر ۾ کجيءَ جو وڻ هوندو آهي ته ان ۾ نور ناهن ايندا.

کجين جا ڏوڏا ۽ قتل کائڻ سان صحت جي انيڪ فائدن سميت جنسي ڪمزوريون ناهن ٿينديون.

گهر ۾ ڪاري رنگ جا ڪپڙا ٽنگي رکجن ته خطرناڪ پَکي ناهن ايندا.

جنهن گهر ۾ روز ڪمند جو جوس پيتو وڃي ان گهر ۾ معدي جا مسئلا ناهن ٿيندا.

جنهن جو معدو صحيح هوندو آهي اهي سئو کان مٿي ننڍي وڏي بيمارين کان محفوظ هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.