ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرد هجن توڙي عورتون وار ٻنهي جي سونهن هوندا آهن، وارن سان پراعتماد زندگي گذاري سگهجي ٿي. وار هونئن ته مختلف سببن جي ڪري ڇڻندا آهن جن جو علاج ڪرائي مسئلن مان جند آجي ڪري سگهجي ٿي پر وارن جي سونهن، انهن جي زندگي ۽ مضبوطي جو وڏو سبب شيمپو به هوندا آهن جيڪي انهن جي واڌ ويجهه، چمڪ ۽ صفائي جو سبب بڻجن ٿا. بازار ۾ موجود شيمپو وارن کي فوري طور تي چمڪندڙ ته بڻائيندا آهن پر ڪيميڪل مليل هجڻ جي ڪري اهي وارن جي ڪمزوري جو به سبب بڻبا آهن، مٿان واري اڄڪلهه جي مهانگائي جي دور ۾ هر شيءِ جيان شيمپن جا اگهه به ٻيڻ ٽيڻ تي ٿي ويا آهن جن کان بچڻ به انتهائي ضروري آهي. انڪري وارن جو خيال ڪندڙ مردن خاص ڪري عورتن کي گهرجي ته اهي گهر ۾ پنهنجو شيمپو ٺاهي وارن کي بنا نقصان جي مضبوط، وڏو ۽ خوبصورت بڻائن.
شيمپو ٺاهڻ جي لاءِ لڪس يا ڪيپري صابڻ وٺو يا وري ڪو اهڙو صابڻ کڻو جنهن ۾ خوشبو نه هجي، هاڻي ان ۾ ٻه چمچا ڪچي ليسوڙن جي رس جا جوس ملايو، هڪ چانهه جو چمچو ماکي، ٿورو گلاب جو پاڻي، ليمي جو عرق ۽ ليسيٿن وجهي ان کي ملائي وٺو. اهو شيمپو توهان روز استعمال ڪري سگهو ٿا، روز ٽٽندڙ ۽ ڇڻندڙ وارن جي لاءِ اهو شيمپو قدرتي تحفو آهي.
گهڻي قدر وارن جي خشڪي به هوندي آهي جيڪو مسئلو عورتن توڙي مردن ٻنهي کي هجي ٿو، هونئن ته خشڪي جي خاتمي لاءِ به بازار مان شيمپو ملندا آهن پر ان مسئلي جي لاءِ به گهر ۾ شيمپو ٺاهي سگهجي ٿو جيڪو نه رڳو وارن جي خشڪي ختم ڪندو پر انهن جا حفاظت به ڪندو. ان لاءِ هڪ سئو پندرهن ملي ليٽر پاڻي کڻو، انهن ۾ ٻن انڊن جون ڦڪيون زرديون وجهو، هاڻي ان شيمپو سان پنهنجا وار صاف ڪيو، خشڪي ته ختم ٿي ويندي پر توهان جا وار چمڪندڙ، مضبوط ۽ گهاٽا به ٿيندا، جڏهن ته آني جي زردري بنا پاڻي جي به وارن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿي.