دنيا جي سڀ کان وڏي عمارت برج خليفا دبئي ۾ موجود آهي، هاڻ دبئي دنيا جي ٻي وڏي عمارت جي ميزباني لاءِ به ڪوششن ۾ آهي.
برج عزيزي جي پيڙهه جو پٿر جنوري 2024 ۾ رکيو ويو هو، تڏهن عمارت بابت تفصيل جاري نه ڪيا ويا هئا، ڇو ته اختيارين طرفان گرين سگنل ملڻ جو انتظار ڪيو پئي ويو.
برج عزيزي کي عزيزي ڊيولپمينٽس نالي ڪمپني تيار ڪري رهي آهي، ان ٻڌايو آهي ته اها عمارت 725 ميٽر اوچي هوندي.
ڪمپني جي چيئرمين عزيزي موجب ٻن ڊيزائنون تيار ڪيون ويون هيون، منظوري کانپوءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
برج عزيزي 131 ماڙن تي ٻڌل عمارت هوندي، ان ۾ اپارٽمينٽس کانسواءِ سيون اسٽار لگزري هوٽل هوندو ۽ هڪ 7 ماڙ جو شاپنگ مال به هوندو، اها عمارت ورلڊ ٽريڊ سينٽر نالي علائقي ۾ ٺاهي پئي وڃي ۽ برج خليفا کان ان جي اوچائي 340 فوٽ گهٽ هوندي.
Prev Post
You might also like