ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ تازو هيما ڪميٽي جي رپورٽ مليالم فلم انڊسٽري ۾ جنسي هراساني ۽ ڪاسٽنگ ڪائوچ جي واقعن جي وائکو ڪيو آهي.
ان معاملي تي ڳالهائيندي بالي ووڊ اداڪارا تنوشري دتا پنهنجي ذاتي ڪهاڻي شيئر ڪئي ۽ اداڪار نانا پاٽيڪر طرفان کيس مارڻ جي ڪوششن ۽ گڏوگڏ فلم انڊسٽري تي مردن جي حاوي ٿيڻ واري سوچ تي سوال اٿاريا.
واضح رهي ته تنوشري 2018 ۾ نانا پاٽيڪر، ڪوريو گرافر گنيش آچاريا ۽ ڊائريڪٽر وويڪ اگني هوتري تي جنسي هراساني جا الزام لاڳو ڪيا هئا.
اداڪارا ڏکڻ فلم انڊسٽري کي مرداڻي غالباڻي انڊسٽري قرار ڏيندي چيو ته مان ڏکڻ جي فلمن جا ڪجهه منظر ڏٺا ۽ دنگ رهجي هيس، اتي اڃا تائين هٿ چراند ۽ ريپ جا منظر ڏيکاريا ويندا آهن، جيڪي برداشت جوڳا ناهن.
هن چيو ته اسان جي وڏن هيروز کي اهڙا منظر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏڻ گهرجي ته جيئن اهڙا منظر ٺهڻ ئي بند ٿي وڃن.
نانا پاٽيڪر جي حوالي سان ڳالهائيند تنوشري چيو ته اهڙا ماڻهو ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن ۽ ڪنهن کي قتل به ڪرائي سگهن ٿا.
You might also like