هڪ جڙي ٻوٽي سان چيلهه جي سور مان جِند آجي، ٻين تڪليف کان به بچاءُ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيلهه جو سور هونئن ته وڏي عمر واري ماڻهن جو مسئلو هوندو هو پر اڄڪلهه اهو عام بڻبو پيو وڃي لڳ ڀڳ هر ٻيو ماڻهو ان مسئلي جو شڪار آهي. هونئن ته ان سور جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر سبب ڪهڙا به هجن اهو سور تمام گهڻي تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. چيلهه جي سور مان جند ڇڏائڻ لاءِ ماڻهو ڪيترين ئي دوائن جو استعمال ڪندا آهن جيڪي سور مان ڇوٽڪارو ته ڏيارينديون آهن پر هلي هلي صحت تي ناڪاري اثر پڻ ڇڏين ٿيون.

پر اهڙي ماڻهن لاءِ جادوئي اثرن واري هڪ جڙي ٻوٽي به موجود آهي جنهن جو استعمال ڪرڻ سان توهان چيلهه جي سور مان مڪمل طور تي ۽ سولائي سان جند ڇڏائي سگهو ٿا، ان جڙي ٻوٽي کي اردوءَ ۾ “ڪمر ڪس“ چيو ويندو آهي.

اها جڙي ٻوٽي نه رڳو توهان کي چيلهه جي سور پر پٺن جي ڪمزوري،ٽنگن ۾ سور، جسماني ٿڪاوٽ ۽ ٻين مسئلن جو شڪار آهيو به انهن مان جند ڇڏائي ڇڏيندي.

ڪمرڪس ۾ پوٽاشيم، فوليٽ، ميگنيشيم، بيٽاڪيروٽين ۽ فاسفورس موجود آهن. نه رڳو ايترو پر ان ۾ وٽامن ڪي ۽ وٽامن اي جو پڻ ججهو مقدار هوندو آهي. ڄاڻايل سڀئي شيون جسماني توڙي گڏيل صحت جي لاءِ تمام فائديمند آهن.

ڪمرڪس سولائيءَ سان هر پنسار جي دڪان تي ملي ويندي آهي.

حقيقت ۾ ڪمرڪس وڻ جي کنئور مان کنئي ويندي آهي.

پنساري جي دڪان تي ڪمرڪس وٺي انکي سڀ کان پهريون ته صاف ڪيو، ان مان ڪاٺين جا ذرا الڳ ڪري وٺو.

پوءِ جيڪو خالص مواد بچي انکي ڌوئي صاف ڪري ان جو پائوڊر ٺاهي وٺو.

هاڻي ان پائوڊر جي هڪ چپٽي پاڻي يا کير جي گلاس ۾ وجهي گڏائي پي ڇڏيو يا وري وري ڦڪي به پي سگهجي ٿي، اهو ياد رکڻ گهرجي ته ان پائوڊر کي چپٽي کان وڌيڪ استعمال ناهي ڪرڻو.

پراڻي دور ۾ وڏڙا ان کي گهر ۾ ٺاهي ويندڙ مائي، خوراڪ، برفي، حلوي ۽ ٻين شين ۾ استعمال ڪندا هئا انکي انهن ۾ استعمال ڪري به کائي سگهجي ٿو.

پراڻي زماني جا ماڻهو انکي ڪنڙي ٺاهڻ ۾ به استعمال ڪندا هوندا جيڪا اڄڪلهه شايد ڪنهن ڳوٺ يا گهر ۾ ٺهندي هجي، جڏهن ته اڳ ۾ ڪنڙي جو وڏو رواج هوندو هو.

مقدار جي ڳالهه ڪجي ته ان جي پائوڊر کي چانهه جي اڌ چمچي کان وڌيڪ استعمال نه ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ان جو وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو ته اها فائدن بدران نقصان ڏئي سگهي ٿي.

ڳورهاري عورتن لاءِ اها جڙي ٻوٽي تمام گهڻي فائدن واري آهي جڏهن ته ويم کانپوءِ به ان جو استعمال ڪري سگهجي ٿو جيڪو تمام فائديمند آهي پر ان ڳالهه جو ڌيان رکيو وڃي ته ان جو مقدار گهڻو استعمال نه ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.