ڪراچي ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ باهه، ميئر مرتضيٰ وهاب جي آفيس سڙي رک

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي هيڊ آفيس ۾ باهه لڳڻ سبب ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي آفيس مڪمل طور سڙي وئي.
ايم اي جناح روڊ وٽ ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ ميئر جي آفيس سان لاڳاپيل ڪچن ۾ باهه لڳي، جيڪا تيزي سان آفيس واري حصي تائين پکڙجي وئي.
ريسڪيو اختيارين موجب، ٻن فائر ٽينڊرن جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي مليو.

You might also like