”حماس وڏو حملو ڪرڻ واري آهي“ گڏيل عرب امارتن جي صدر نيتن ياهو کي اڳواٽ خبردار ڪيو هو: هارٽز

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي اخبار هارٽز دعويٰ ڪئي آهي ته حماس طرفان 7 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيل تي حملي کان لڳ ڀڳ 10 ڏينهن اڳ متحدا عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ذاتي طور تي اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو کي خبردار ڪيو هو ته حماس اسرائيل خلاف وڏي حملي جي رٿابندي ڪري رهي آهي.
رپورٽ موجب، نيتن ياهو ان مبينا وارننگ بابت اسرائيلي سيڪيورٽي اختيارين کي آگاهه نه ڪيو ۽ نه ئي ان اهم ڄاڻ تي ڪا ڪارروائي ڪئي.
هارٽز جي رپورٽ ۾ صحافين شلومي ايلڊر ۽ روٿ يووال جي نئين ڪتاب جو حوالو ڏنو ويو آهي، جيڪو دنيا جي اعليٰ اختيارين سميت ڪيترن ئي ذريعن سان ڪيل انٽرويوز تي ٻڌل آهي.
رپورٽ موجب، سيپٽمبر 2023ع جي آخر ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ 45 منٽن تائين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جي تفصيل کان ٽن اعليٰ پرڏيهي اختيارين کي پڻ آگاهه ڪيو ويو هو.
رپورٽ ۾ غزا مان متحده عرب امارات منتقل ٿيل اماراتي صدر جي هڪ فلسطيني صلاحڪار جو حوالو پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن کي ان ڳالهه ٻولهه بابت سڌي ڄاڻ حاصل هئي.
هارٽز موجب، محمد بن زايد نيتن ياهو کي ٻڌايو هو ته حماس جو اڳواڻ يحيٰ سنوار اسرائيل خلاف وڏي ڪارروائي جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي، جنهن سان وڏي رتوڇاڻ جو خدشو آهي، خطي جو امن متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ اسرائيل ۽ عرب ملڪن وچ ۾ ٿيل ”ابراهيمي معاهدن“ کي به نقصان پهچي سگهي ٿو.
رپورٽ دعويٰ ڪري ٿي ته 45 منٽن جي ان ڳالهه ٻولهه دوران نيتن ياهو جي انتهائي پرسڪون ردعمل اماراتي صدر کي حيران ڪري ڇڏيو. نيتن ياهو کيس چيو ته اسرائيل غزا جي صورتحال تي مڪمل نظر رکي رهيو آهي، حماس جي ڪا به امڪاني ڪارروائي ويسٽ بئنڪ ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ اسرائيل هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته محمد بن زايد کي حماس جي امڪاني خطري بابت ڄاڻ خود يحيٰ سنوار کان ملي هئي، جيڪو 2023ع جي وچ ڌاري اسرائيل سان فلسطيني قيدين جي آزادي بابت معاهدي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب ناراض هو.

You might also like