ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ هڪ ئي بالر جا اٺ وڪيٽون وٺي ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ٿيمڦو(ويب ڊيسڪ) ڀوٽان جي بالر ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ نئون ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
ڀوٽان جي سونم ييشي ميانمار خلاف ميچ ۾ چئن اوورن ۾ ست رنسون ڏئي اٺ وڪيٽون ورتيون
ميانمار جي ٽيم ڀوٽان طرفان ڏنل 127 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙيندي 45 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ياد رهي ته ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ 7 وڪيٽن جو رڪارڊ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.