موبائيل فون هلائيندڙ مري سگهي ٿو؟ ڇرڪائيندڙ تحقيق

ڊگهي عرصي کان ڪيئي ماڻهن جو خيال آهي ته موبائيل فون جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪئنسر جو خطرو وڌائيندو آهي.
ان ڏس ۾ صحت جي عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) جي نگراني هيٺ ٿيل هڪ تحقيق ۾ ان سوال جو جواب ملي ويو آهي.
تحقيق موجب، موبائيل فونز سبب دماغي ڪئنسر جو خطرو ناهي وڌندو، ان حوالي سان ڪيئي تحقيقي رپورٽس جو جائزو ورتو ويو ۽ اِهو نتيجو ڪڍيو ويو ته وائرليس ٽيڪنالوجي جي پکڙجڻ سان دماغي ڪئنسر جي ڪيسن ۾ اضافو ناهي ٿيو.
انوائرمينٽ انٽرنيشنل رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب، ڪيئي ورهين تائين موبائيل فونز تي تمام گهڻيون ڪالز ڪندڙ ماڻهن ۾ به ڪئنسر جو خطرو نه ٿو وڌي.
تحقيق ۾ 1994 کان 2022 دوران ٿيل 63 تحقيقي رپورٽن جي ڊيٽا جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران رڊيو فريڪوئنسي جي اثرن جو جائزو ورتو ويو جن جو استعمال موبائيل فونز سان گڏوگڏ ٽيليويزن ۽ ٻين ڊيوائسز ۾ ڪيو ويندو آهي.
محققن موجب، تحقيق دوران اهڙا ثبوت سامهون ناهن آيا جنهن مان ثابت ٿئي ته موبائيل فونز جو استعمال دماغي ڪئنسر جو خطرو وڌائي ٿو.
تحقيق دوران ڪئنسر جي اهڙي کوڙ سارن قسمن جو جائزو ورتو ويو هو جيڪي ٻارن ۽ وڏن جي دماغ تي اثر انداز ٿيندا آهن.
تحقيق دوران اِهو پڻ ڏٺو ويو ته موبائيل فونز، ٽرانسميٽرز ۽ بيس اسٽيشنز دماغ کان هٽي ڪري عضون جي ڪئنسر جو سبب ته نٿا بڻجن.
ماهرن ٻڌايو ته نتيجن مان خاطري ٿئي ٿي ته موبائيل فونز سبب تمام گهٽ سطح تي رڊيو لهرون خارج ٿينديون آهن جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار نه آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته اهڙو ڪو به ثبوت ناهي مليو جنهن ذريعي موبائيل فون جي استعمال ۽ دماغي ڪئنسر وچ ۾ تعلق ثابت ٿئي.
سندن چوڻ هو ته تحقيق جا نتيجا پراڻي تحقيقي رپورٽن سان هڪجهڙائي رکن ٿا جن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته موبائيل فونز جي استعمال سبب ڪئنسر جو خطرو ناهي وڌندو.
ها پر ماهرن پر ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.