88 ملڪن جي مختلف جيلن ۾ 20 هزار پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ 88 ملڪن جي مختلف جيلن ۾ 20 هزار پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ ٻاهرئين ملڪ جيلن ۾ قيد پاڪستانين جا تفصيل پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ 88 ملڪن ۾ 20 هزار پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو.
تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو ته جيلن ۾ موت جي سزا جا 68 پاڪستاني قيدي به شامل آهن، کين دهشتگردي، قتل، منشيات سمگلنگ تي سزا ٻڌائي وئي.
تفصيلن موجب يو اي اي ۾ 5292، سعودي عرب ۾ 10432، ملائيشيا ۾ 463، برطانيا ۾ 321، عمان ۾ 578، ترڪيه ۾ 387، بحرين ۾ 371، يونان ۾ 598، چين ۾ 406، جرمني ۾ 90، آمريڪا ۾ 114، عراق ۾ 40، سريلنڪا ۾ 89 ۽ اسپين ۾ 92 پاڪستاني جيلن ۾ قيد آهن.
ان کانسواءِ افغانستان ۾ 85، ڏکڻ آفريقا ۾ 48، فرانس ۾ 186 پاڪستاني قيد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.