وفاقي حڪومت جو اين جي اوز بابت وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اين جي اوز بابت وڏو فيصلو ڪري ورتو.
وفاقي حڪومت ملڪي ۽ پرڏيهي اين جي اوز کي ملندڙ فارن فنڊنگ جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي ڪابينا جي هدايت تي 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ ڪميٽي سربراهه هوندو، جڏهن ته گهرو، پرڏيهي، قانون، اقتصادي معاملن ۽ ناڻي وزرات جا سيڪريٽري ميمبر هوندا.
ڪميٽي جائزو وٺندي ته ٻاهرئين ملڪن مان ملندڙ رقم ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ٿيندي آهي، ڪميٽي رقم شفاف بڻائڻ جي تجويز ڏيندي، گڏوگڏ شڪي رقم کي بلاڪ ڪرڻ جي به سفارش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.