اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ تي سوال اٿاري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آصفه ڀٽو زرداري واڌو بجلي جي دعويٰ باوجود 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي سوال اٿاريو.
هن پڇاڻو ڪيو ته حڪومت جي دعويٰ آهي ته سرپلس بجلي موجود آهي، پوءِ لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟
ان تي اعظم نذير تارڙ جواب ڏنو ته بجلي نه هجڻ لوڊشيڊنگ جو ڪارڻ ناهي، ريڪوري نه ٿيڻ سبب به لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي.
Prev Post
You might also like