سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 60 هزار 508 ٿي ويو، گذريل 15 ڏينهن ۾ 861 ڪيسن جي واڌ ٿي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
اعليٰ عدليا ۾ 16 کان 31 آگسٽ تائين ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 60 هزار 508 ٿي ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اعليٰ عدليا ۾ گذريل 15 ڏينهن ۾ 861 ڪيسن جي واڌ ٿي، 33 هزار 269 سول ۽ 10 هزار 335 فوجداري اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن.
رپورٽ موجب اعليٰ عدليا ۾ مجموعي طور 28 پاڻمرادا نوٽيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ ٻه هزار 64 نظرثاني درخواستون، جڏهن ته ايڇ آر سيل جون 134 درخواستون ۽ 3361 جيل پٽيشنز به ٻڌڻي هيٺ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.