گرمي جي موسم ۾ ليمي پاڻي جا صحت لاءِ بهترين فائدا

گرمي ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي ۽ ان جي ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ پاڻي گھڻو اهم هوندو آهي.

پر گھڻن ماڻهن کي سادي پاڻي جو ذائقو پسند ناهي ايندو جنهن سبب هو سڄو ڏينهن مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪندا آهن.

ان جي نتيجي ۾ ڊي هائڊريشن جو خطرو وڌي ويندو آهي جيڪو مختلف مسئلن جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اوهان سادي پاڻي ۾ هڪ عام ملندڙ شيءِ کي شامل ڪري ان کي مزيدار بڻائي سگھو ٿا.

۽ اُها شيءِ ليمو آهي، جنهن جي رس کي پاڻي ۾ گڏائي پي سگھجي ٿو.

پر ڇا ليمو پاڻي پيئڻ سان صحت کي ڪو فائدو ٿئي ٿو؟

ليمي پاڻي جي هڪ گلاس سان وٽامن سي، فوليٽ، پوٽاشيم، آئرن، وٽامن بي1، وٽامن بي 2 ۽ وٽامن بي 5 سوڌو مختلف جُز حاصل ٿين ٿا.

ان شربت جا فائدا ڄاڻي وٺو

پاڻي جي کوٽ ناهي ٿيندي

جيئن مٿي لکيوسين ته پاڻي صحت لاءِ گھڻو اهم هوندو آهي ۽ گرم موسم ۾ ته ان جي گھڻي مقدار جو استعمال ضروري آهي.

ته پوءِ جيڪڏهن اوهان کي سادي پاڻي جو ذائقو پسند ناهي ته ليمي جي رس پاڻي ۾ ملائي پي وٺو ته جيئن ڊي هائڊريشن کان بچي سگھو.

جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سان مزاج چڙچڙو، جسماني گرمي پد ۾ واڌ، قبض، ذهني ڌنڌ ۽ بُڪين جي پٿري جهڙن مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

وٽامن سي حاصل ڪرڻ جو سٺو ذريعو

کَٽا ميوا جيئن ليمي ۾ وٽامن سي موجود هوندي آهي جيڪا هڪ اهڙو اينٽي آڪسائيڊنٽ آهي جيڪو جيوگھرڙن کي تحفظ فراهم ڪندو آهي جڏهن ته مدافعتي نظام مضبوط ڪندو آهي.

اها وٽامن آئرن کي جذب ڪرڻ ۽ مختلف هارمونز بڻائڻ لاءِ به اهم هوندي آهي.

جسم ۾ وٽامن سي جي کوٽ سان موسمي بيماريون، وات ۽ اکيون خشڪ ٿيڻ، جلد خشڪ ٿيڻ، ٿڪ، بي خوابي ۽ ڏند ڪمزور ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

جسماني وزن ۾ گھٽتائي

ليمي جو پاڻي استعمال ڪرڻ سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي ڪرڻ ۾ امڪاني مدد ملي سگھي ٿي.

مٺن شربتن جو متبادل

کنڊ مان ٺهيل شربت جهڙوڪ جوس، سوڊا ۽ ٻين جي استعمال سان ٿولهه، شگر ٽائپ 2، دل جا مرض، بُڪين جا مرض، جيري جا مرض، ڏندن جا مسئلا ۽ جوڙن ۾ تڪليف جو خطرو وڌندو آهي.

ليمي جي پاڻي کي مٺن شربتن جي جاءِ ڏيڻ سان انهن مسئلن کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

بُڪين جي پٿري کان بچڻ ممڪن

ليمي ۾ موجود Citric Acid بُڪين ۾ پٿري ٺهڻ جي عمل جي روڪٿام ۾مدد فراهم ڪري سگھي ٿو.

ليمي جي رس ۾ اهو ايسڊ موجود هوندو آهي پر ان جو مناسب مقدار استعمال ڪرڻ ضروري آهي.

هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند

کائڻ کان اڳ اهڙن شربتن جو استعمال ڪرڻ سان هاضمي جو نظام بهتر ٿيندو آهي.

ليمي ۾ موجود Citric Acid معدي ۾ موجود تيزابي عنصر کي وڌائيندو آهي جنهن سان کاڌو هضم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

هڪ تحقيق ۾ به دريافت ڪيو ويو آهي ته کائڻ کان اڳ ليمو پاڻي پيئڻ سان کاڌو جلد هضم ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ڇا ڪو نقصان به ٿي سگھي ٿو؟

اهو شربت محفوظ هوندو آهي پر ڪجهه ناڪاري اثر به ٿي سگھن ٿا.

ليمي ۾ موجود Citric acid جو گھڻو استعمال ڏندن جي سطح کي نقصان پهچائي سگھي ٿو.

اهڙيءَ طرح معدي ۾ موجود تيزابيت جو مقدار وڌي وڃڻ سان سيني ۾ ساڙي جي شڪايت به ٿي سگھي ٿي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالي ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ انحوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.