نرم بستري بدران پٽ تي سمهڻ کي سائنس ڪيئن سمجهي ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڪثر آرام ڏيندڙ ۽ نرم گدن بابت خبرون ٻڌي اهو لڳندو آهي ته بس اهو ئي آهي جنهن تي سڪون جي ننڊ ڪري سگهجي ٿي پر حقيقت ائين ناهي.

ننڊ تي تحقيقون ڪندڙ اداري سليپ فائونڊيشن طرفان اهڙي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پٽ تي سمهڻ جا فائدا ٻڌايا ويا آهن.

اهي فائدا اهڙا آهن جن بابت ماڻهن کي گهٽ خبر هوندي.

زمين تي سمهڻ وارن ماڻهن کي ٻيا عجيب سمجهندا آهن ۽ انهن کي آڳاٽي دور سان ڳنڍيو ويندو آهي پر اهو ئي عمل سندن صحت کي بهتر رکندو آهي.

گرمي جي موسم ۾ پٽ تي سمهڻ سان انسان جي جسم کي ٿڌو رهڻ ۾ مدد ملندي آهي جڏهن ته اهو عمل اوهان جي جسم کي سڪون به پهچائي ٿو.

ڇو ته زمين تي سمهندي انسان سڌو ليٽندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو چيلهه جي تڪليف ۽ سور مان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي.

ٻئي پاسي انسومنيا جي بيماري جي علاج ۾ به پٽ تي سمهڻ سان آرام ملي سگهي ٿو ڇو ته گدي تي اڪثر ماڻهن جي ننڊ ڦٽي ويندي آهي پر زمين تي سمهڻ سان گڏ وهاڻي ۽ چادر جو به ڪردار آهي.

دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته زمين تي سمهن سان جسم ۾ رت جي رواني کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.

هڪ ٻي رپورٽ موجب زمين تي سمهڻ سان انسان جو وزن ورهائجي ويندو آهي جنهن سبب دل، گردن، مسلز کي ڪم ڪرڻ ۾ بهتر ماحول ملندو آهي.

پٽ تي سمهڻ لاءِ ڪجهه شين جو خيال به رکجي.

پٽ تي سمهڻ سان الرجي جي شڪايت ٿي سگهي ٿي، اهو ان وقت ممڪن آهي جڏهن اوهان اتي سمهي رهيا هجو جتي گندگي آهي.

برسات جي صورت ۾ به زمين تي سمهڻ ممڪن ناهي هوندو، سياري ۾ به اوهان ڪڏهن پٽ تي سمهڻ نه چاهيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.