رات جو انڌائپ: شب خوري ڪهڙي قسم جي بيماري آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مريم علي شب خوري جي مرض ۾ مبتلا آهي، هن مرض ۾ اکين جو نور سج لهڻ کان ڪم ناهي ڪندو ۽ رات ٿيندي ئي ماڻهو انڌو ٿي ويندو آهي.

هن مرض باوجود مريم علي پنهنجو مصوري جو شوق ناهي ڇڏيو.

شب خوري هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ ڏينهن جو سڀ ڪجهه ٺيڪ هوندو آهي پر سج لهڻ سان ئي اکين آڏو به اونداهي ٿي ويندي آهي.

ان ڏس ۾ ڊاڪٽر چون ٿا ته ڪجهه وقت بعد اکين ۾ ڏينهن جي روشني کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو حصو به متاثر ٿيڻ لڳندو آهي.

شروعات ۾ هن بيماري ۾ رات جي نظر ختم ٿي ويندي آهي ۽ تقريبن 50 سالن جي ڄمار کانپوءِ ڏينهن جو به نظر اچڻ گهٽجي ويندو آهي.

هن بيماري جو ڪو علاج ناهي پر بهتر غذا ۽ دوائن جي استعمال سان فائدو ٿئي  ٿو.

ان لاءِ وٽامن ڊي ۽ وٽامن اي سان ڀرپور غذا جو استعمال ڪارائتو آهي.

ڊاڪٽرن موجب هن ۾ بون اسپائيڪيولز ٺهندا آهن جيڪي ريٽينا کي وقت سان گڏوگڏ متاثر ڪندا آهن.

گهڻو ڪري هي خانداني بيماري هوندي آهي ۽ شب خوري جي بيماري مردن ۾ وڌيڪ هوندي آهي.

ان بابت پنج هزار ماڻهن جي آبادي ۾ هڪ فرد کي اهو مرض ٿيندو آهي.

هي جينياتي بيماري آهي ۽ گهڻو ڪري ڪٽنب ۾ شادين جي ڪري ٿيندي  آهي پر ڪجهه ماڻهو قدرتي طور تي به ان جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.