جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري هٿرادو مٺاڻ کي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو.
ڊبليو ايڇ او طرفان هٿرادو مٺي ڪيميڪلز بابت نيون گائيڊ لائنز جاري ڪيون ويون آهن.
صحت جي عالمي اداري موجب هٿرادو مٺا ڪيميڪلز وزن گهٽائڻ ۾ قطعي مددگار ناهن، ان جي استعمال سان دل جي بيماري جو خطرو وڌي ويندو آهي.
صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته هٿرادو مٺي ڪيميڪلز جو استعمال ٽائپ 2 شگر جو خطرو به وڌائيندو آهي، جڏهن ته ان جو ڪو غذائي فائدو ناهي.