هونئن ته دنيا ۾ شگر جو مرض تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ڪو ٽائپ ون ته ڪو خطرناڪ ٽائپ 2 جو شڪار آهي پر پاڪستان ۾ شگر جي مريضن جو انگ سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.
جارجيا اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ رياضي ۽ ڳڻپ شعبي جي اهتمام هيٺ هلندڙ هڪ اداري ورلڊ آف اسٽيٽسٽڪس طرفان هڪ تحقيق ڪئي وئي آهي، جنهن موجب پاڪستان ۾ شگر جي مرض جي شرح 30.8 سيڪڙو آهي.
ان تحقيق ۾ 38 ملڪن تي ٻڌل ڊيٽا ڏني وئي، جنهن ۾ پاڪستان جو پهريون نمبر آهي، جڏهن ته ٻيو نمبر ڪويت جو آهي، جي شگر جي مرض جي شگر 24.9 سيڪڙو آهي ۽ ٽئين نمبر تي موجود مصر ۾ شگر جي مرض جي شرح 20.9 سيڪڙو آهي.
شگر جي مريضن جي سڀ کان گهٽ شرح نائجيريا ۾ 3.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ماهر شگر جهڙي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ورزش جي صلاح ڏيندا آهن، ان سان نه رڳو شگر ڪنٽرول ٿئي ٿي پر ٻين بيمارين کان به بچي سگهجي ٿو.