گوشت فائدي وارو آ، پر ڪڏهن ۽ ڪڏهن نه؟ اڳ ۾ سمجهو پو کائو!

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وڏو گوشت يا ٻاڪرو گوشت ذائقيدار هجڻ سان گڏ فائدن وارو آهي. گوشت جا صحت تي پوندڙ اثر سدائين بحث هيٺ رهيا آهن جيتوڻيڪ گوشت کائڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن پر سائنس ڪيتريون ئي تحقيقون ڪرڻ کانپوءِ ان بابت دلچسپ انگ ۽ اکر ٻڌايا آهن ته گوشت صحت تي ڪهڙا اثر ڇڏي ٿو.

چان اسڪول آف پبلڪ هيلٿ هڪ لک ويهه هزار کان مٿي ماڻهن جي ڊيٽا کي ڏٺو جنهن کانپوءِ خبر پئي ته گوشت جي خوراڪ ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ موت جي سڀني سببن جي خطرن کي ٻارهن سيڪڙو وڌائيندي آهي.

گوشت ۾ هوندو ڇا آهي؟

ڳاڙهي گوشت ۾ ڪيتريون خوراڪ جون شيون موجود هونديون آهن جهڙوڪ پروٽين، وٽامن بي ٻارنهن، آئرن ۽ زنڪ. پر ان ۾ سيچوريٽڊ فيٽي ايسڊز به موجود هونديون آهن ۽ جيڪڏهن ان جو گهڻو استعمال ڪيو وڃي ته اهو صحت جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

صحت تي اثر

گوشت جي سُٺي خاصيتن جي باوجود ان جا صحت تي ڪجهه اهڙا اثر به پون ٿا جيڪي جسم لاءِ نقصانڪار تصور ڪيا ويندا آهن. مثال طور ڪيترين ئي تحقيقن کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڳاڙهي يا وڏي گوشت جو استعمال دل جي بيمارين، ڪينسر ۽ شگر ۾ مبتلا ٿيڻ جا خطرا وڌائيندو آهي.

پروٽين جو ذريعو

ڳاڙهو گوشت اعليٰ قسم جي پروٽين فراهم ڪرڻ جو ذريعو آهي سٺي خاصيتن جي ڪري اهو وڏي اهميت وارو آهي. تنهن باوجود به اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته پروٽين جا ٻيا به ڪيترائي ذريعا آهن، جهڙوڪ ڦريون کائڻ جيڪي جسم کي ٻيون ضروري شيون فراهم ڪرڻ جي به صلاحيت رکن ٿيون.

سڻڀ

ڳاڙهي گوشت ۾ سڻڀ جو هڪ خاص مقدار هوندو آهي، خاص ڪري سيچوريٽڊ فيٽي ايسڊز جيڪي جيڪڏهن وڌيڪ يا گهٽا استعمال ڪيا وڃن ته ڪوليسٽرول ليول ۾ واڌ ۽ دل جي بيمارين سان منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. سڻڀ ۽ ڪيلوريز کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪو به گوشت پچائڻ کان اڳ سڀ کان پهريان ان تي لڳل چرٻي هٽايو پوءِ گوشت ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪري گهڻو پچايو ته جيئن ان مان سڻڀ نڪري وڃي.

گهڻي ڳاڙهي گوشت جا خطرا

گهڻي ڳاڙهي گوشت جو استعمال ڪينسر ۽ دل جي بيمارين جهڙيون بيماريون ٿيڻ جا خطرا وڌائيندو آهي. خاص طور تي پراسيس ڪيل گوشت، جيڪو وڏي آنڊي جهڙي ڪينسر جي بيماري جا خطرا وڌائيندو آهي.

ڳاڙهو گوشت هڪ اهڙي خوراڪ آهي جنهن کي جيڪڏهن حد جي اندر کي استعمال ڪيو وڃي ته اهو صحتمند زندگي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. گوشت جي صحت تي پوندڙ ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ ۽ ان جي خطرن کي گهٽائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انکي ٻين کاڌن پٽاٽن، ڀينڊين، ميهن وغيره سان گڏائي ٺاهجي ته بهتر آهي. گوشت کائڻ جي لاءِ توهان کي وڏي احتياط جي ضرورت آهي ڇو ته اهو وڏا خطرا ڏئي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.