چيٽ جي بي ٽي جي مدد سان همراهه وزن گھٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

هونئن ته آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل چيٽ بوٽس زندگي جي مختلف رخن تي اثر وڌا آهن.

پر ڪنهن تصور به نه ڪيو هوندو ته ڪنهن چيٽ بوٽ جي مدد سان جسماني وزن به گھٽائڻ ممڪن آهي.

پر آمريڪا سان واسطو رکندڙ هڪ شخص اهڙي ئي چيٽ بوٽ جي مدد سان جسماني وزن ۾ نمايان گھٽتائي ڪئي.

آمريڪي شهر سيئٽل سان واسطو رکندڙ گريگ موشين جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ آن لائن مفت موجود چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي جو رخ ڪيو.

پنهنجي 6 ورهين جي ڌيءَ جي خواهش تي گريگ موشين فيبروري 2023ع ۾ پنهنجي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر ڊيسڪ جاب ڪرڻ سبب هن لاءِ جم وڃڻ يا ڪنهن ٽرينر جو خدمتون حاصل ڪرڻ ڏکيو هو.

ته گريگ موشين چيٽ جي پي ٽي کي فٽنس ٽرينر طور استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن وقت ۽ پيسو ٻئي بچائي سگھجن.

گريگ جي درخواست تي چيٽ جي پي ٽي هن کي هڪ پروگرام جوڙي ڏنو ته جئين هو پنهنجو وزن گھٽائي سگھي.

ان پروگرام ۾ چيو ويو هو ته شروعات ۾ ڊوڙڻ جي ورزش نه ڪئي وڃي ۽ هر ٽن ڏينهن کان پوءِ رڳو 5 منٽ تائين گھر جي چوڌاري تيز پنڌ ڪيو وڃي.

شروع ۾ ته گريگ موشين کي لڳو ته اها ته گھڻي سادي ٽريننگ آهي ۽ ان جو ڇا فائدو ٿيندو، پر پوءِ به هن عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

هن پروگرام تي عمل شروع ڪيو ته سادو هجڻ سبب ان تي عمل ڪرڻ سولو ثابت ٿيو.

پروگرام ۾ هوريان هوريان ورزش جو وقت ۽ شدت وڌائڻ جو مشورو ڏنو ويو هو جڏهن ته مناسب آرام جا موقعا به فراهم ڪيا ويا هئا ته جيئن ٿڪُ محسوس نه ٿئي.

ماضي ۾ به گريگ موشين اهڙن پروگرامن جو حصو بڻجي چڪو هو پر اهي گھڻا سخت هئا ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو ٿڪ سبب همٿ هارائي ويو هو.

پر چيٽ جي پي ٽي جي پروگرام کيس نه ٿڪايو ۽ هاڻ سندس ڊوڙن جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ ٿي چڪي آهي.

3 مهينن دوران هن 11 ڪلو کان وڌيڪ وزن گھٽايو جڏهن ته جسماني توانائي به بهتر ٿي وئي.

سندس چوڻ هوته جيتوڻيڪ چيٽ جي پي جو ڏسيل تجربو بهترين ثابت ٿيو پر اهڙا نتيجا آن لائين تحقيق يا ٽرينر جي مدد سان به حاصل ڪري سگھجن ٿا.

گريگ موشين موجب اڃا ته اها شروعات آهي پر هاڻ آئون اڳ کان وڌيڪ بهتر شخص آهيان ۽ هاڻ ڪنهن سٺي ٽرينر جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي غور ڪري سگھان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.