هيروئن کان 50 ڀيرا وڌيڪ طاقتور دوا منظور، ساهه روڪي موت به ڏئي سگهي ٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مورفين کان 10 ڀيرا وڌيڪ ۽ هيروئن کان 50 ڀيرا وڌيڪ طاقتور فينٽينيل هڪ هٿرادو دوا (اوپئڊز) آهي جنهن جي آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن طبي استعمال لاءِ منظوري ڏني آهي.

جيڪڏهن طبي مقصدن کان هٽي تفريحي مقصدن لاءِ هن کي استعمال ڪيو وڇي ته هي طاقتور دوا خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

2021 ۾ 70 هزار 601 آمريڪي هن دوا جي وڌيڪ استعمال سبب مري ويا.

نيسنل انسٽيٽيوٽ آف ڊرگ ابيوز ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هن دوا جي وڌيڪ استعمال سان کوڙ آمريڪي شهري موت جو کاڄ بڻيا.

فينٽينيل جو دماغ تي ڪهڙو اثر ٿيندو آهي ۽ هي ايڏي خطرناڪ ڇو آهي؟

پهريون ڀيرو 1959 ۾ تيار ٿي ۽ 1960 جي ڏهاڪي ۾ رڳ ذريعي سور مان ڇوٽڪاري لاءِ متعارف ڪرائي وئي.

هي گورين ۽ سوئي وغيره جي شڪلن ۾ استعمال ٿئي ٿي.

هيروئن يا مورفين جهڙين ٻين دوائن جيان فينيٽينيل دماغ جي انهن حصن ۾ (اپيئڊ ريسيپٽرز) سان وڃي ملي ٿي جيڪي سور ۽ جذبات کي ڪنٽرول ڪن ٿا.

هن کي دماغ تائين پهچڻ ۾ وڌيڪ وقت نٿو لڳي ۽ فينيٽينيل تيزي سان ڪم ڪري ٿي.

هي تيزي سان ڊوپامائل خارج ڪري ٿي، سور ختم ٿئي ٿو ۽ مريض جي حالت ۾ بهتري ۽ سڪون جو احساس ڏياري ٿي.

هي ٿورڙي ڪوڪين جيان آهي، جڏهن ماڻهو هن کي پهريون ڀيرو استعمال ڪن ٿا ته کين مزيدار احساس ٿئي ٿو پر وري وري استعمال سان کين اهڙو سڪون نٿو ملي جيڪو پهريون ڀيرو ملي ٿو.

ڊاڪٽرن خبردار ڪيو آهي ته جڏهن هي مواد وڌي وڃي ٿو ته اوهان جو ساهه رڪجي سگهي ٿو کڻي اوهان هوش ۾ ڇو نه هجو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.