”شاديءَ کان اڳ جوڙا هيءَ ٽيسٽ لازمي ڪرائين“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر درناز جمال چيو آهي ته شادي کان اڳ جوڙا ٿيليسيميا جي سڃاڻپ واري ٽيسٽ ضرور ڪرائين.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۽ محمدي بلڊ بئنڪ اينڊ ٿيليسيميا سينٽر جي ڀائيواري سان ٿيليسيميا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿيل آگاهي واڪ ۾ ڪيو.

آگاهي واڪ ۾ سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر درناز جمال سميت محمدي بلڊ بئنڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مهدي رضوي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

طبي ماهرن چيو ته اڄ سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به ٿيليسيما جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اها رت جي موروثي بيماري آهي، جنهن ۾ رت ٺهڻ جو عمل متاثر ٿي ويندو آهي.

ڊاڪٽر درناز جمال چيو ته شادي کان اڳ جوڙا ٿيليسيميا جي سڃاڻپ واري ٽيسٽ ضرور ڪرائين، صوبي ۾ ٿيليسيميا جو ايڪٽ موجود آهي پر ان باوجود ڪنهن کي علم ئي ناهي، ميڊيا جي ذميواري آهي ته عوام ۾ ان مرض جي آگاهي تائين پهچ ممڪن بڻائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.