ڪمزوريون ختم، مسئلا حَل! انبڙين جي فائدن بابت ڪڏهن ڪنهن سوچو به نه هوندو

پڪل ۽ مٺا انب وڻندڙ، صحمتند ۽ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ کاڌو ويندڙ ميوو آهن اهو ئي سبب آهي جو انبن کي ميون جو سردار ميوو به چيو ويندو آهي. پر ڪچا انب جنهن کي انبڙيون چوندا آهيون کائڻ به نه رڳو وڻندڙ آهن پر ان جا به صحت لاءِ ڪيترائي فائدا آهن.

انبڙيون پنهنجي پاڻ ۾ ڪيترائي فائدا ۽ دوائن جهڙا اثر رکن ٿيون. انبڙين کي ڪيترن ئي طريقن سان کائي سگهجي ٿو جن ۾ وٽامن بي ون ۽ بي ٽو پڪل انبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا هوندا آهن.

نه رڳو انبڙيون پر انبڙين جون کَلون به قابض ۽ مقوي هونديون آهن. سخت گرمي کان بچڻ جي لاءِ انبڙين کي باهه ۾ ڀڃي ان جو نرم گودو کنڊ ۽ پاڻي ۾ ملائي شربت ٺاهي به پي سگهجي ٿو جيڪو گرمي جي اثر کي گهٽائيندو آهي.

انبڙين کي ڪَٽي ننڍا ننڍا ڳترا ڪري انهن جي مٿان لوڻ ۽ مرچ يا رڳو لوڻ ٻرڪي به کائي سگهجي ٿو جيڪي انتهائي وڻندڙ ۽ صحت جي لاءِ فائديمند ته آهن ئي آهن پر اهي اڃ به گهٽائن ٿيون جڏهن ته پگهر وهڻ جي ڪري جسم ۾ ٿيندڙ لوڻياٺ جي کوٽ کي به ختم ڪنديون آهن.

انبڙين ۾ موجود وٽامن سي رت جي نالين کي وڌيڪ لچڪدار بڻائيندي آهي رت جا سيل ٺاهڻ ۾ به تمام مددگار هونديون آهن اهي خوراڪ ۾ موجود آئرن کي جسم ۾ جذب ڪرڻ ۾ به مدد ڪنديون آهن رت کي بهتر ڪن ٿيون.

انبڙين ۾ بخار، رت جي بيمارين انيميا ۽ پيچس کان تحفظ لاءِ جسم جي مزاحمتي صلاحيتن کي طاقتور بڻائڻ ۾ به صلاحيت موجود هوندي آهي ۽ اهي جگر کي صحتمند بڻائينديون آهن. ڪيترائي حڪيم مختلف بيمارين ۾ انبڙين کي ماکي ۽ ڪاري مرچن سان کائڻ جو مشورو ڏيندا آهن.

انبڙين کي اکين جي مختلف بيمارين لاءِ به تمام بهترين سمجهيو ويندو آهي، انبڙيون کائڻ سان اکين جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.

سايون ڪچيون انبڙيون معدي ۽ آنڊن جي علاج لاءِ به تمام فائديمند آهن. هڪ يا ٻه انبڙيون جن جو ککڙيون نه ٿيون هجن لوڻ يا ماکيءَ سان کائڻ سان بواسير، گرمي ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.  اهي پراڻي بدهضمي، هاضمي ۾ بگاڙ جي لاءِ به تمام بهترين هونديون آهن.

انبڙين ۾ وٽامن سي جي ججهي مقدار جي ڪري رت جي بيمارين لاءِ به تمام فائديمند آهن. انبڙيون کائڻ سان بُک لڳندي آهي طاقت ٿيندي آهي. جيڪي ٻار ڪمزور هجن انهن جي لاءِ ته انبڙيون بهترين قدرتي نسخو آهن.

انبڙيون نه رڳو رت پيدا ڪندڙ قدرتي نسخو آهن پر اهي گوشت به ٺاهينديون آهن انهن ۾ نشاستي وارين شين سان گڏ فاسفورس، ڪيلشيم،فولاد، پوٽاشيم ۽ گلوڪوز به موجود آهي. اهو ئي سبب آهي ته اهي دل، دماغ ۽ جگر سان گڏوگڏ سيني ۽ ڦڦڙن جي لاءِ به فائديمند آهن.

مثاني جي پٿري جي خاتمي لاءِ ٻه ٽي تولا ڪچيون انبڙيون کائڻ انتهائي فائديمند هونديون آهن.

ڪچيون انبڙيون اکين جي بيماري شب ڪوري (رات جي وقت نظر نه اچڻ واري بيماري) ۾ به تمام بهترين هونديون آهن.

انبڙيون تري انهن ۾ مصالحا وجهي به کائي سگهجن ٿيون، انکانسواءِ انبڙين جي چڻٽي به ٺاهي کائي سگهجي ٿي.

تنهن باوجود به ڪجهه ماڻهن کي انبڙيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

اهڙا ماڻهو جن کي نزلو، زڪام ۽ کنگهه هجي انهن کي ڪنهن به صورت ۾ انبڙيون نه کائڻ گهرجن، جڏهن توهان جا اهي مسئلا ختم ٿي وڃن ته انبڙيون کائي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.