سنڌَن جي سُور مان ڇوٽڪاري جو سولو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جوڙن جي سُور جو هڪ اهم سبب جسم ۾ يورڪ ايسڊ جو وڌي وڃڻ به هوندو آهي اهو هڪ اهڙو تيزابي مادو آهي جيڪو جسم ۾ گرمي پيدا ڪندو آهي جيڪڏهن اهڙي خوراڪ جو ججهي مقدار ۾ استعمال ڪيو وڃي ته جسم ۾ گرمي ۽ تيزابيت وڌڻ جو سبب بڻبي آهي جهڙوڪ گوشت ۽ مڇي وغيره جيڪي جسم ۾ يورڪ ايسڊ کي وڌائي جوڙن جي سُور ۾ واڌ ڪندا آهن.

يورڪ ايسڊ کي دوا سان گڏ ڪجهه خوراڪ جي پرهيز سان سولائي سان ختم ڪري سگهجي ٿو، هتي هڪ اهڙي ئي شربت ٺاهڻ جو طريقو ٻڌايو پيو وڃي جيڪو توهان جي جسم مان يورڪ ايسڊ جو خاتمو ڪري جوڙن جي سُور مان ڇوٽڪارو ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا: جوڙن جي سور سميت قبضي جا مسئلا حل

شيون

انناس:                                  هڪ ڪوپ

چڪوترو:                            هڪ عدد

کيرو:                                     هڪ عدد

سُنڍ:                                     ننڍو ٽُڪرو

طريقو

سڀني شين کي هڪ بلنڊر ۾ وجهي صحيح نموني بلينڊ ڪيو، ان شربت کي روز کائڻ سان پهريون استعمال ڪيو ۽ جوڙن جي سور مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.