شهدادڪوٽ ( رفيق ڀٽي) قبو سعيد خان ۾ شڪارپور واسي پريمي جوڙو گولين جو کاڄ بڻجي ويو، چار مهينا اڳ گهران نڪري پسند جي شادي ڪندڙ 21 ورهين جو نديم کوسو ۽ سندس 17 ورهين جي زال نغمه کوسو قتل ٿي ويا، واقعو قبوسعيد خان جي ڳوٺ گلاب شاھ ۾ پيش آيو آهي جتي پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان نديم کوسو ۽ نغمه کوسو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا،مليل ڄاڻ موجب مقتول نوجوان نديم کوسو ۽ نغمه کوسو اصل شڪارپور شهر جا رهواسي هئا، جن تقريبن چار مهينا اڳ گهران نڪري پسند جي شادي ڪئي هئي، شادي کانپوءِ ٻنهي گڏجي زندگي گذاري رهيا هئا ته قبوسعيدخان جي ڳوٺ گلاب شاھ ۾ ٻنهي کي گولين جو نشانو بڻايو ويو، هوڏانهن اسپتال ۾ موجودمقتول نوجوان نديم کوسو جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته نديم ۽ نغمه جي شادي کانپوءِ اسان نغما جي وارثن ڏانهن رشتو قبول ڪرائڻ ۽ معاملو ختم ڪرائڻ لاءِ ميڙ منٿ کڻي به ويا هئاسي، پر ان باوجود ٻنهي کي قتل ڪيو ويو، ٻي پاسي واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف مقتول نديم کوسو جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته جوڙي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.