اي آءِ تي مسلسل ڀاڙڻ سبب انسانن جي فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ڪمزور ٿيندي:سائنسدان

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) انسانيت جي خاتمي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.جڏهن انسانيت جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته عام طور تي انساني ذهن ۾ ايٽمي ڌماڪا، خطرناڪ وائرس ۽ ”ٽرمينيٽر“ جهڙا قاتل روبوٽس ايندا آهن، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته حقيقت ان کان به وڌيڪ خاموش ۽ پيچيده ٿي سگهي ٿي.ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته سڀ کان وڏو خطرو اهو ناهي ته ڪا مشين اوچتو انسانن خلاف جنگ شروع ڪري ڇڏي، پراصل خطرو اهو آهي ته انسان آهستي آهستي پنهنجي سوچڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت به اي آءِ جي حوالي ڪندو وڃي.شيفيلڊ هالم يونيورسٽي جي روبوٽڪس ۽ مصنوعي ذهانت جي ماهر ڊاڪٽر سيموئل ونانزي موجب اي آءِ تي مسلسل ڀاڙڻ سبب انسانن جي تنقيدي سوچ، منصوبابندي ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت آهستي آهستي ڪمزور ٿي سگهي ٿي.ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو مسئلو هڪ ڏينهن ۾ پيدا نه ٿيندو، پر انسان آهستي آهستي ننڍا ننڍا ڪم اي آءِ حوالي ڪندو ويندو. لکڻ، تحقيق، ڪوڊنگ، فيصلا ڪرڻ، معلومات جو تجزيو ۽ ٻين معاملن ۾ وقت سان گڏ انسان لاءِ پاڻ سوچڻ بدران مشين کان جواب وٺڻ وڌيڪ آسان محسوس ٿيڻ لڳندو.ماهرن موجب اصل خطري جي گھنٽي به اها ئي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن انسان اهم فيصلن ۾ پنهنجي راءِ بدران اي آءِ کي وڌيڪ قابلِ اعتماد سمجهڻ لڳندو ته ان جا نتيجا سنگين ۽ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.

You might also like