حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ جي قوم پرست ۽ ترقي پسند اڳواڻن چيو آھي ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي سياست جا سگھارا بنياد رکي ويو آھي، سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، سنڌ ۽ ان جي وسيلن کي بچائيندا سين، سنڌ ورھائڻ واري سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اھڙن خيالن جو اظهار ھنن ڪالھ سنڌ ھاري ڪميٽيءَ پاران باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 125 سالگرھ جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سالگرھ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جي مرڪزي صدر ثمر جتوئي چيو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 125 ھين سالگرھ واري تقريب اسان کي نوان حوصلا ڏنا آھن، ھن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي سياست ڪئي، اسين ان سياست کي اڳتي وٺي وينداسين، ھن چيو ته اسان سنڌ ۽ ان جا وسيلا بچائڻ لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون ، ھن حڪمرانن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام خاموش نه ويهندو، اسين جيلن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آھيون، ھن چيو ته سنڌ وطن آھي ان جي حيثيت ماءُ واري آھي اسين ان جي حفاظت ڪنداسين. ھن ڪامريڊ حيدربخش بخش جتوئي جي نعري جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ تحريڪ جو اعلان ڪيو .سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھيٺئين طبقي جو اڳواڻ ھو، اسان کي ڌرتي جي پٽ ھجڻ تي فخر آھي ڪيڏي نه وڏي ڳالهھ آھي جو ان دور جي سياسي اڳواڻن کيس باباءِ سنڌ جو لقب ڏنو . ھن چيو ته سياست ۾ ٻه رستا آهن ھڪڙا ماڻھو جيل ۾ ويا ، جدوجھد ۾ رھيا ٻين انگريز دور کان اڄ تائين سرڪار ۽ اقتدار ۾ رھڻ کي ترجيح ڏني آھي ۽ نسلن تائين غلام رھيا آھن ، ھن چيو ته حيدربخش جتوئي اقتدار جي پاسي ٿي بيھڻ بجاءِ ھارين ۽ مزدورن سان گڏ بيٺو ھن چيو ته جيڪڏھن حيدر بخش جتوئي جا وارث حيدربخش جتوئي جو نالو نه کڻي ھلن ھا ته ھن نوجوان ٽھي کي حيدربخش جتوئي جي خبر ئي نه ھجي ھا. ھن چيو ته حيدر بخش جتوئي جي تاريخي طبقاتي جدوجھد باجود کيس ڪميونسٽ پارٽي ۽ سوشلسٽن پنھنجو نه ڪيو. ھن چيو ته جاگيردارن جي سياست حاڪمن جي تعبيدار سياست آھي ،اسين ان کي نه ٿا مڃون ، ھن چيو ته اسين جاگيردارن ۽ وڏيرن جي اقتداري سوشل ڪلب جو حصو ناھيون ھو سڀ گڏ آھن ۽ اسان اھڙي اقتداري سياست کي نه ٿا مڃون،اسين مظلومن ۽ پيڙيل طبقي جي پاسي ٿي بيٺل آھيون ، ھن چيو ته ضياءَالحق جي آمريت وارن ڏينھن جيان ھن وقت سنڌ جي وجود کي سخت خطرو آهي، ھن چيو ته اسين سنڌ جي سرزمين جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي بيٺل آھيون سنڌ ورھائڻ نه ڏيندا سين. ھن سمورين ڌرين کي 11 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ قومي ميڙ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني . جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھارين ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ تاريخي جدوجھد ڪئي،ھن چيو ته انڊس سولائيزيشن کي سنڌو درياءَ ھڪ ٻئي سان جوڙي ٿو ،ھن چيو ته ھن وقت سنڌ جي ورھاڱي جون ڳالھيون پيون ھلن ، اسين ھر سياسي محاذ تي عملي طور ان سازش خلاف احتجاج ڪنداسين. ھن چيو ته ايوب خان ۽ ضياءُالحق جي حڪومت وارن ڏينھن ۾ ملڪ کي سياسي نقصان پھتو،حڪمرانن کي ماضيءَ جي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي.ھن چيو ته 26 ۽ 27 ترميم ملڪ کي نقصان ڏنو، انھن ترميمن ذريعي سياستدانن پاران ھٿ سان پنھنجا اختيار ڏنا ويا آھن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينئر نائب صدر روشن ٻرڙو چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي عظيم اڳواڻ ھو ، اسان کي ان جي رستي تي ھلڻ گھرجي ھن چيو ته سنڌ ڄڻ ڪالوني ھجي طاقت جي زور تي سنڌ مٿان وفاق زوري فيصلا مڙھي رھيو آھي . ھن پيپلزپارٽيءَ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اسيمبلي ۾ ميچ فڪسنگ ڪري رھيون آھن، ھن چيو ته لائين ڪڍي اڳتي وڌڻو پوندو سنڌ سان ويساھ گهاتيون ڪندڙن کي سنڌ بخش نه ڪندي.عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر راحيل ڀٽو چيو ته ڪارن قانونن پاس ڪرائڻ ۾ پيپلزپارٽي شامل رھي آھي .ھن چيو سنڌ جي ورھاڱي پٺيان اصل مقصد سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ آھي ۽ اسين سنڌ جي وسيلن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان جي سنڌياڻين ھر گھر در وڃي ھي نعرو ھنيو آھي ته سنڌ ورھائيندي پادر کائيندي.عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته ھن وقت سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي سازش رٿيل آھي ، پاڻي تي ڌاڙو پيو لڳي، ھن وقت قومي ۽ طبقاتي جبر بدترين شڪل اختيار ڪري چڪو آھي ، ھن چيو ته جيستائين جبر جي نظام جو خاتمو نه ٿيندو قومي ۽ طبقاتي جبر جو خاتمو نه ايندو ۽ نه ئي مسئلا حل ٿيندا . ھن چيو ته کاٻي ڌر کي محنت ڪش دوست قوتن سان گڏ بيهڻو پوندو جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو حيدربخش جتوئي جي دور جيان سنڌ ھن وقت شديد قومي طبقاتي جبر جو شڪار آھي اسان کي ھڪ دفعو ٻيھر قومي ۽ طبقاتي سوال کي کڻي جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي پٺيان اقتدار تي قابض اصل ڌريون بيٺل آھن،آئين سميت ڪنھن به شڪل ۾ سنڌ وطن تي وار ٿيو ته اسان ان کي قبول نه ڪنداسين .شھيد نظير عباسي جي وني نامياري ليکڪا حميده گهانگهرو چيو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رھي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جيئي سنڌ جو نعرو ھنيو. اسان ننڍپڻ کان ھاري ڪميٽيءَ جو جھنڊو کڻي فڪري طور اڳتي وڌيا آھيون .ھن چيو ته سنڌ ۾ نفرت ڦھلائندڙن جو نالو وٺڻ پسند نه ڪنديس، سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي .قومي عوامي تحريڪ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي چيو ته قدرتي وسيلن ھوندي سنڌ غلام آھي ھن بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته ٿر ۾ ترقي جي ڳالھ ڪندڙن کي ٿر ۾ خودڪشيون نظر نه ٿيون اچن ، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ نثار لغاريءَ چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قومي ۽ طبقاتي جدوجھد جي سڃاڻپ آھي، ڪالم نگار ۽ ليکڪ امان الله شيخ چيو ته اسين حيدربخش جتوئي جي جدوجھد جا ساٿي آھيون، سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي پويان سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ آھي، عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ جا فڪري اڳواڻ ساڳيا آھن پر پوءِ به ھو گروپن ۾ ورھايل آھن ، کين اختلاف ھڪ پاسي ٿي ھڪ جھنڊي ھيٺ گڏ ٿيڻ گھرجي ڪامريڊ سارنگ ڄام چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي سياست منظم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو اسين ان جدوجھد جو تسلسل آھيون اردو ڳالهائيندڙ سنڌي دانشورآفتاب خانزادو چيو ته طبقاتي جبر ڪري زمين کي زندگي ڏيندڙ ھاري جو ھٿ اڄ به خالي آھي ۽ ھو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھن ھن چيو ته اڌ سنڌ ھيپا ٽائيٽس جو شڪار آھي ، ھن چيو ته 80 سيڪڙو وزيرن کي بي نظير صاحبه سڃاڻندي به نه ھئي ماضيءَ ۾ ٽٽل جتين پائڻ وارا ھاڻ محلن جا مالڪ آھن . ھن چيو ته سنڌ ۾ رھندڙ ھر ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌي آھي، اسين سنڌ ورهائڻ نه ڏينداسين . ھن چيو ته سنڌ جي ڌرتي کي پيرن ھيٺان چوندڙ فاروق ستار ڪيترو دلير آھي سنڌ کي خبر آھي ھن چيو ته سنڌ بابت فاروق ستار جا چيل لفظ تاريخ نه وساريندي، فاروق ستار تاريخ ۾ توھان جو انجام ڏاڍو خراب ٿيندو . ھن چيو ته سنڌ ماءُ آھي ۽ ماءُ ورھائبي ناھي ،سنڌ ورهائڻ واري راند بند ٿيڻ گھرجي. سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ بدر چنا چيو ته سنڌ 1940 جي قرارداد تحت ھن ملڪ ۾ شامل ٿي ھئي ھن چيو ته سنڌ ھن ملڪ کي ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي اسين سنڌ ورھائڻ نه ڏيندا سين ان موقعي تي سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ عبدالمومن ، سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جي اڳواڻ احمد نواز انقلابي محسن جويو، جميلا صالح بلو جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ عابد لاکووطن دوست مزدور فيڊريشن جي اڳواڻ گلشير ۽ ٻين خطاب ڪيو