لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان سان گهرڀاتين ۽ وڪيلن کي ملاقات جي اجازت ڏيڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست ڊاڪٽر عظميٰ جي مڙس احد خان پنهنجي وڪيل راڻا مدثر عمر ذريعي داخل ڪئي آهي.
درخواست ۾ گهرو کاتي ، ڪوٽ لکپت جيل جي سپرنٽنڊنٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواستگذار جي موقف موجب، ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) ڊاڪٽر عظميٰ جي نظر بندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.
درخواست ۾ عدالت کان گذارش ڪئي وئي آهي ته گهرڀاتين ۽ وڪيلن کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڊاڪٽر عظميٰ خان سان ملاقات جي اجازت ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.
You might also like