اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران خيبرپختونخوا جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب، ملاقات دوران محسن نقوي صدر آصف زرداري کي خيبرپختونخوا جي صورتحال ۽ گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي سان ٿيل ملاقات بابت آگاهي ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ڪي پي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سميت مختلف آئيني آپشنز تي به غور ويچار ڪيو ويو.
واضح رهي ته ان کان اڳ محسن نقوي ۽ ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وچ ۾ ملاقات دوران به گورنر راڄ يا ايمرجنسي جي صورت ۾ گورنر هائوس پاران آئيني ڪردار ادا ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.
نقوي جي زرداري سان ملاقات، ڪي پي ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لڳائڻ سميت مختلف آپشنز تي غور
You might also like