لاهور(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ليگي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اڳواڻ پنهنجين پارٽين ۾ ادارا بڻائين، چاپلوسي ۽ ميراثي پيدا ڪرڻ بند ڪن. سياسي پارٽين ۾ جيڪي ماڻهو آهن، اهي ڳالهائين ڇو نٿا؟ ڇا اهي گونگا آهن؟ ڇا انهن جي وات تي ڪنهن ٽيپ لڳائي آهي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ چوي ٿي ته سياسي پارٽي اندر نه ڳالهايو؟ هٿ ٻڌي توهان بيهي رهو ٿا، ڳالهايو ئي نٿا؛ توهان ڳالهايو ڇو نٿا؟لاهور ۾ هڪ مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪو ۴۰ سال پنهنجي پارٽي کي ڏئي ٿو، اهو ڳالهائيندو، ۽ پارٽي قيادت کي بـ سندس ڳالهه ٻڌڻي پوندي. هن چيو ته سياسي جماعتن کي بيهڻو پوندو، هڪ ٻئي جو خوف ختم ڪرڻو پوندو ۽ تنقيد توڙي الزام تراشيءَ جي سياست کان اڳتي وڌڻو پوندو. سياستدان سڄو ڏينهن هڪ ٻئي کي گارگند ڪري رهيا آهن، الزام هڻي رهيا آهن. ماڻهن کي انهن الزامن ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. سندن پيٽ ۾ ماني ناهي، کين انصاف نٿو ملي، در بدر ڌڪا کائي رهيا آهن. هن چيو ته توهان چئو ٿا ته توهان رياست جا وفادار رهو، ملڪ لاءِ قربان ٿي وڃو. رياست ته ماءُ بڻجي ئي ناهي، رياست ته ماٽيلي ماءُ بڻجي وئي آهي. هن چيو ته بااختيار مقامي حڪومتن جو نظام هجڻ گهرجي، ان کي آئيني تحفظ ملڻ گهرجي. صوبائي مالياتي ڪميشن کي اين ايف سي جهڙو اسٽيٽس ملڻ گهرجي، بالڪل صحيح ڳالهه آهي. نئين قيادت به ائين ئي ايندي،هن چيو ته پر جيڪڏهن توهان ووٽ جو فيصلو ئي نه مڃيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ننڍا صوبا بڻجڻ گهرجن، پر جيڪڏهن توهان پھرين ووٽ جو فيصلو نه مڃيو ۽ نشو ڪندڙ ڪنهن ماڻهوءَ کي وزير اعليٰ بڻائي ڇڏيو پوءِ توهان چئو ٿا ته صوبي جا ماڻهو بغاوت ڪري رهيا آهن. ڇا توهان ان ۾ حصو ناهي وڌو؟ پورو حصو وڌو آهي،هن چيو ته جڏهن ماڻهن تي اهڙا ماڻهو مسلط ڪيا ويندا جن وٽ قوم جي قيادت ڪرڻ جي اهليت ئي ناهي، انهن کي توهان اقتدار جي تخت تي ويهاري ڇڏيو ٿا. ڪو گورنر بڻجي رهيو آهي، ڪو وزيراعظم، ته ڪو وزيراعليٰ! فيصلو ٻه ماڻهو ڪن ٿا، نتيجو ڪنهن ٻئي جي حق ۾ نڪري ٿو. پوءِ ويهي اسان سوچيون ٿا ته ننڍا صوبا بڻائينداسين ته مسئلو حل ٿيندو. ننڍا صوبا بڻائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، نيت ٺيڪڪرڻ سان مسئلو حل ٿيندو. پنهنجي مخالف سان گڏ هلڻ جي سوچ رکندؤ ته توهان جو مسئلو حل ٿيندو.هن چيو ته اسان بدقسمتيءَ سان هلڪن ماڻهن جي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، وڏن ماڻهن جي دور ۾ ناهيون اسان جي مقدر ۾ ئي اهو ئي لکيل هو،هن چيو ته گذارش اها آهي ته سول سوسائٽي اڳتي اچي، انهن سياسي پارٽين کي جاڳائي، انهن تي دٻاءُ وڌائي. انهن کي چوي ته پنهنجين پارٽين جي اندر جمهوريت کڻي اچو. انهن کي چوي ته ڪنهن اصول تي سياست ڪريو، روز روز اصول نه مٽايو،هن چيو ته اهڙي طرح جيڪي ماڻهو مارشل لا لڳائين ٿا،انهن کي به سوچڻ گهرجي هتي هڪ ريٽائرڊ جنرل ويٺو آهي، جنهن ڏاڍي خوبصورت گفتگو ڪئي. توهان پنهنجي ڪميونٽيءَ ۾ ڳالهائيندا ڪريو ته ڇا غلط آهي ۽ ڇا صحيح. اهڙي طرح جيڪي سول سرونٽس آهن، خاص طور ريٽائرڊ عملدار اهي پنهنجي ڪميونٽيءَ ۾ ڳالهائين. اسان کي پنهنجي پنهنجي هنڌ آواز بلند ڪرڻو پوندو. هن سوسائٽيءَ کي بيدار ڪرڻ لاءِ آوازن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻو پوندو.هن چيو ته نيون سياسي پارٽيون ٺاهڻ جي في الحال ضرورت ناهي. انهن ئي ٽٽل ڀڳل پارٽين تي گذارو ڪريو. انهن کي پهرئين مرحلي ۾ دٻاءُ ۾ آڻيو ته اهي پاڻ کي صحيح ٽريڪ تي آڻين. جيڪڏهن اهي ڳالهه نه ٻڌندا، ته توهان ۽ مون کي ڪجھه نه ڪرڻو پوندو، نوان سياسي سچ پاڻمرادو جنم وٺندا.هن چيو ته هي جيڪو سسٽم بابت چيو ويو ته "ڪوليپس” (Collapse) ڪري ويو آهي، ان کي هاڻي ٺيڪ ڪرڻو پوندو. جن ان کي تباهه ڪيو آهي، اهي ان کي ٺيڪ نٿا ڪري سگهن. توهان کي عوام ۽ قوم تي اعتماد ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن قوم جو فيصلو غلط به آهي، تڏهن به ان فيصلي کي تسليم ڪريو.هن چيو ته اسان رومينٽڪ قسم جا ماڻهو آهيون، اسان کي خوبصورت ليڊر نظر اچي ۽ دلڪش ڳالهيون ڪري ته اسان چڪمي ۾ اچي ويندا آهيون. اسان ڪيترائي ڀيرا ان دوکي ۾ آيا آهيون. پر توهان ماڻهن جو فيصلو مڃيو! جيڪڏهن توهان ماڻهن جو فيصلو نه مڃيندا، بار بار ان جي توهين ڪندا، پوءِ توهان وڏي حادثي کان بچي نٿا سگهو. پوءِ توهان نئين حادثي کي پاڻ دعوت ڏئي رهيا آهيو. هن چيو ته هڪ ليڊر فيصلو ڪري ٿو ته ڪنهن کي ٽڪيٽ ڏيڻي آهي ۽ ڪنهن کي نه. هڪ ئي ليڊر ڪئين فيصلو ڪري سگهي ٿو؟ ڇا اهو عقلِ ڪل آهي؟ مان ڏسان ٿو ته مشوري جو عمل محدود ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته پارليامينٽ توهان جي پر طاقت جا مرڪز هڪ پنڊيءَ ۾ هوندو آهي هميشه ۽ هڪ اسلام آباد ۾. ٻه مرڪز ڪيئن هلي سگهن ٿا؟ هڪ رياست کي ٻه مرڪز ڪيئن هلائيندا؟اسٽيبلشمينٽ جو دل به سڙي ٿو جڏهن پاڪستان ۾ لٽ مار ۽ ڪرپشن ٿئي ٿي. انهن جو به هڪ موقف آهي، اهي چاهين ٿا ته سياسي پارٽيون شفافيت سان ڪم ڪن ۽ مڊل ڪلاس جا پڙهيل لکيل ماڻهو اسيمبلين ۾ اچن.مڊل ڪلاس جو ماڻهو اسيمبليءَ جي گيٽ وٽان به نٿو لنگهي سگهي. ۲۰ ڪروڙ رپيا، ۱۵ ڪروڙ رپيا قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن تي لڳن ٿا،هن چيو ته مان هتي مسلم ليگ نواز جي نمائندگي نٿو ڪريان، هي منهنجي ذاتي راءِ آهي. مون کي اها سمجھه اچي ٿي ته جيستائين توهان مڊل ڪلاس کي موقعو نه ڏيندؤ ته اهي اسيمبلين ۾ اچن، اليڪشن کي سستو نه ڪندؤ، ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ مٽيءَ جا بت ويهارڻ بدران معتبر ماڻهو نه ويهاريندؤ جن تي پوري قوم کي اعتماد هجي، ۽ چونڊ عمل ۾ مداخلت بند نه ڪندؤ،هڪ ٻه ٽي اليڪشن ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو،هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي اصلاح پاڻ نه ڪنداسين ته پوءِ ڪاڪروچ نڪرندا! انهن کي ليڊ ڪير ڪندو؟ اها اسان کي خبر ناهي. نوان جوان نڪرندا؛ اهي ڪنهن رياستي اداري، ڪنهن حڪومت، ڪنهن پارٽي يا اشرافيا کان سنڀالجي نه سگهندا ان وقت کان ڊڄو! پنهنجون صفون ٺيڪ ڪريو، پنهنجو پنهنجو احتساب ڪريو، ۽ هڪ ٻئي کي ساهه کڻڻ جي جڳهه ڏيو