ڪراچي کي الڳ ڪرڻ تي پ پ پاران اسٽيبلشمينٽ سان سڌي ريت ويڙهه جو فيصلو؟

لاهور(سجاد انور)ڇا پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان سڌي ريت وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي؟ راولپنڊي جي  حلقن ۾ اهو آواز ڏاڍو مضبوطيءَ سان ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ڪراچيءَ کي ته اسان هر حال ۾ وفاق جي ڪنٽرول هيٺ آڻي ئي رهنداسين، لاڙڪاڻي ۾ نثار کھڙو پنهنجي تقرير ۾ تمام سخت ۽ جارحاڻو  انداز اختيار ڪيو. آصف علي  زرداري مفاهمت پسند شخص آهي، پر پيپلز پارٽي ريڊ لائن ڪراس ڪندي  نظر اچي رهي آهي، ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ به پنهنجي ضد تي بيٺل آهي،نثار کھڙو جي بيان بابت چيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي کي اندازو ئي ناهي ته هوءَ ڪهڙو بيان ڏئي رهي آهي، ان ڪري ئي هنن فوري طور تي نثار کھڙو کي اهو بيان واپس وٺڻ لاءِ چيو.صدر زرداري جو وڌيڪ زور ان ڳالهه تي هوندو ته اسيمبلين ۾ ڳالهه ڪئي وڃي، جيئن سنڌ اسيمبليءَ قراردار پاس ڪئي ۽ اتي تقريرون ٿيون، تيئن جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهه ٿيندي ته پيپلز پارٽي جا ماڻهو سخت انداز ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ به ڳالهائيندا. هو قانوني طريقي سان پنهنجو ڪيس وڙهندا، پر بنيادي سوال وڙهڻ جو ناهي، بنيادي سوال اهو آهي ته ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي موقف کي سمجھڻ لاءِ بالڪل تيار ناهن. نه پيپلز پارٽي ان معاملي ۾ اسٽيبلشمينٽ کي سمجھڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي اهي ان ڳالهه کي محسوس ڪري رهيا آهن ته ڪراچيءَ بابت اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو ڪهڙو آهي. ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي جي نقطه نظر کي سمجھڻ لاءِ تيار آهي. هو چئي رهيا آهن ته اهو سڀ ڍونگ آهي جيڪو پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي ۽ اسان کين سڌو ڪري ڇڏينداسين، چٿي ڇڏينداسين.اسٽيبلشمينٽ کي اندازو ئي ناهي ته پيپلز پارٽي جو سياسي  بنياد  ڪيترو گهرو آهي. مثال طور، اهي سڀ ماڻهو جيڪي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جا مخالف آهن، اهي ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ جي خلاف هڪ ٿي ويندا.سنڌ جا قومپرست بلڪل نٿا چاهين ته سنڌ ورهائجي. اسٽيبلشمينٽ لاءِ سنڌ جو معاملو صرف گورننس يا ترقيءَ جو معاملو آهي، پر سنڌين لاءِ ڪراچي انهن جي سڃاڻپ  جو معاملو آهي،جڏهن ته سنڌ جي مسلم ليگ (ن) به ڪڏهن به صوبي جي تقسيم جي حمايت ناهي ڪئي.پير پاڳاري بابت چيو ويندو هو ته هو اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهي، هو به ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ مخالف آهي.صحافي، دانشور، شاعر، اديب ۽ بار ڪائونسلون: سڀ هڪ آواز آهن،بار ڪائونسلون هڪ وڏو هٿيار آهن.ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ دانشورن  سميت، ڪراچي پريس ڪلب ۽ آرٽس ڪائونسل جا ماڻهو به ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي خلاف آهن.ڪجهه ماڻهو ته اهو به چئي رهيا آهن ته ڪراچيءَ کان پنجاب ويندڙ نيشنل هاءِ وي ۽ ريلوي لائين انهن جي” آبنائي هرمز“ آهي، جنهن کي بند ڪري سگهجي ٿو. تنهن ڪري، ان کي صرف پيپلز پارٽي تائين محدود سمجهڻ اسٽيبلشمينٽ جي وڏي غلطي هوندي.ٻئي طرف پيپلز پارٽي به غلطي ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي کي گهرجي ته اهي اسٽيبلشمينٽ جي منصوبي کي مثبت انداز ۾ وٺن. هو چئي سگهن ٿا ته ڪراچيءَ کي بهتر بڻائڻ اسان جو به پروجيڪٽ آهي، اچو ته وفاق، اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ حڪومت ملي ڪم ڪن.

You might also like