لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد رضوان جي اها درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هن نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) کي سندس خلاف ڪارروائي کان روڪڻ ۽ موبائل فون واپس ڪرائڻ جي استدعا ڪئي هئي.
چيف جسٽس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ ٻڌڻي دوران عدالت محمد رضوان کي هدايت ڪئي ته هو اين سي سي آءِ اي طرفان جاري ڪيل نوٽيس جو جواب ڏئي، عدالت جي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ درخواست رد ڪئي وئي.
محمد رضوان جي درخواست موجب، لارڊز ٽيسٽ کانپوءِ کيس رات جو هوٽل جي لابي ۾ طلب ڪري موبائل فون تحويل ۾ ورتو ويو هو، جڏهن ته کيس ٻڌايو ويو هو ته فون جي جاچ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن اندر واپس ڪيو ويندو.
درخواست ۾ رضوان موقف اختيار ڪيو هو ته اين سي سي آءِ اي طرفان کيس مبينا سٽيبازي ۽ جوا ۾ ملوث هجڻ بابت جاري ڪيل نوٽيس جا الزام بي بنياد آهن ۽ انڪوائري قانون موجب ناهي، هن خدشو پڻ ظاهر ڪيو هو ته جاچ جي آڙ ۾ کيس گرفتار ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته اين سي سي آءِ اي 10 سيپٽمبر تي محمد رضوان ۽ امام الحق کان اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي هئي ۽ سندن موبائل فون تحويل ۾ ورتا هئا.
ايجنسي جي سوالنامي ۾ رضوان کان ذاتي، مالي، ملڪيت، بينڪ اڪائونٽن، سوشل ميڊيا ۽ گذريل پنجن سالن جي ملڪي ۽ غير ملڪي سفرن بابت تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن.
You might also like