مجبور عوام لاءِ مذاق بڻيل رليف

قاسم خاصخيلي

         هاڻ ته چؤطرف ڄڻ ماڻهو ڪنهن مضبوط هٿن ۾ جڪڙجي ويا آهن نه جند آجي ڪرائي ٿا سگهن نه احتجاج ڪري ٿا سگهن ۽ نه وري آزادي سان پنهنجي دردن جو اظهار ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ روزانو جي بنياد تي وڌندڙ تيل جي اگهن ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن عام واهپي جي شين کان ويندي زندگي جي ضرورت جي هر شيء پوري ڪرڻ هاڻي هتان جي ماڻهن لاءِ وڏو امتحان بڻجي ويو آهي، اهو وزيراعظم جيڪو اقتدار تي مسند تي ويهڻ کان اڳ مخالفن خلاف وڏيون تقريرون ڪري سري عام عوامي جلسن ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندو هو ان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڄڻ ته ملڪ جا ماڻهو ئي نوان ڪپڙا پائڻ لاءِ سڪي مئا آهن، ٽرانسپورٽرن پاران روزانو جي بنياد تي وڌندڙ تيل اگهن جي بهاني اڳئي وڌيل ڪراين کي وڌيڪ وڌائڻ جا بهانا ڪري عوام جو الڳ رت چوسي رهيا آهن. فيڪٽرين جا مالڪ هجن يا مطلب ڪنهن به شيء جو ڪارخاني دار سرمائيدار يا دڪاندار هجي اهو ان جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي، سڀني شين جا ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪري مسڪينن جو روز اکيون آليون ڪري رهيا آهن ، هڪ ڏهاڙي ڪمائڻ وارو مزدور يا هاري ۽ ڪانٽريڪٽ تي بيٺل ننڍو ملازم زندگي کي پاڻ مٿان هن ملڪ ۾ بار سمجهي مجبورن جيئڻ جا جتن ڪري رهيو آهي، سفيد پوش وچولو طبقو ۽ خوددار ماڻهو پڻ زندگي کي ڏکيائين سان گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پيٽرول ۽ ڊيزل جي روز روز وڌندڙ اگهن سبب مهانگائي جو طوفان گهٽ ٿيڻ بجاء هر روز وڌي رهيو آهي عام ماڻهو ان طوفان جي زد ۾ اچي ويو آهي نه تن تي پورو ڪپڙو رهي ٿو، نه سک جو ٽڪر ڀور نصيب ٿئي ٿو، نه بيمارين ۾ دوا درمل وٺڻ جي قابل رهيو آهي، نه ئي ڪنهن مٽ مائٽ پاڙيسري يا ڪنهن دوست جي غمي خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ جهڙو رهيو آهي

 مهانگائي سبب ڏينهون ڏينهن ملڪ ۾ ماڻهو روزانو جي بنياد تي غربت جي لڪير کان هيٺ اچي رهيا آهن مگر اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمرانن لاءِ مڙئي خير جي ڳالھ آهي ، بس ڪو وزير مشير ٽي وي تي ويهي رليف ڏيڻ جا هوائي فائر ڪري هليو ٿو وڃي پر حقيقت ۾ نه ڪو ريليف ٿو ڏنو وڃي نه مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ۽ نه ئي ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي ڪا اسڪيم ڏني ٿي وڃي جنهن سان ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي مهانگائي ۽ غربت جو مقابلو ڪري سگهن ، هڪ طرف روزانو تيل جا اگهه وڌائي عوام مٿان عام طور تي وڏو بار وڌو پيو وڃي

ٻئي طرف خبر ناهي ته ڪهڙن صلاحڪارن جي صلاحن تي سؤ روپيا ليٽر تي ننڍين گاڏين رڪشن ۽ موٽر سائيڪل وارن کي ريليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو پڻ اڳ ۾ ٻن هزارن واري ريليف وانگر صرف اشتهارن جي زينت ئي نظر اچي رهيو آهي ، سؤ روپيا ريليف مخصوص طريقي سان ڏنو ويندو جنهن جون شرطون ٻڌي ئي ماڻهو ڪنن کي هٿ هڻي توبھ ڪرڻ لڳي وڃي ٿو، لڳي ٿو ته ريليف لاءِ موبائيل تي ميسيجن موڪلڻ مان به حڪومت کي چڱو ڀلو منافعو ملندو پر ان جي ابتڙ عوام کي ان رقم جو ڪو اڌ حصو به ريليف ملڻ جي اميد مشڪل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اگر ريليف ڏيڻو ئي آهي ته مڪمل طور ڏيئن جيئن آساني سان تيل جا اگهه وڌائي عوام جا کيسا خالي ڪيا ٿا وڃن تيئن آساني سان سؤ روپيا ليٽر ڊيزل ۽ پيٽرول تي گهٽ ڪيا وڃن يا حڪومتي خرچ گهٽ ڪري مبينا طور ٿيندڙ ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف ڏنڊو کڻي حڪومتي آمدني بهتر ڪري عوام جو احساس ڪندي پيٽروليم ليوي مڪمل طور ختم ڪئي وڃي جنهن سان به عوام کي سٺو ريليف ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو باقي نئين سر نوان ناٽڪ عوام کي ڪو به بهتر يليف نٿا ڏئي سگهن شهباز سرڪار کي عوام جو اونو آهي ته حقيقي ريليف طرف قدم کڻي جنهن سان عوام مڪمل سک جو ساھ کڻي سگهي

You might also like