ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته سنڌ جي عوام جي بدقسمتي آهي ته اهڙا ماڻهو انهن تي حڪمران آهن، هڪ طرف بلاول ڀٽو ڀليڪار ڪري ٿو ته ٻئي پاسي رستن ۾ کڏا کوٽيا وڃن ٿا.
ڪراچي ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته سنڌ جي عوام عزت ڏني آهي ۽ هنن همت سان فاشزم جو مقابلو ڪيو آهي، ڪراچي ۾ اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته هي اسيمبليون غلط طريقي سان وجود ۾ آيون آهن.
سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته هڪ وزيراعليٰ چوي ٿي ته پاڙيسرين کان خطرو آهي، ان وزيراعليٰ جي پارٽي جي وفاق ۾ به حڪومت آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته ان جماعت جو بيانيو رياست خلاف آهي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير موجب، افغانستان سان معاملا پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ بهتر هئا، اسان انهن جي پاليسي تي تنقيد ڪئي ته چيو وڃي ٿو ته افغانستان هليا وڃو.
هن وڌيڪ چيو ته مان بسن ۽ رڪشن ۾ اسڪول ويندو هئس، مان پي ٽي آءِ باني جو مائٽ نه آهيان ۽ نه ئي ارب پتي آهيان.
هڪ وزيراعليٰ پاڙيسري صوبن کي خطرو سمجهي ٿي، اهو رياست مخالف بيانيو آهي: سهيل آفريدي
You might also like