سون اگهه ۾ وڏي لاٿ، هزارين رپيا سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2 هزار 400 رپيا گهٽجي 4 لک 63 هزار 136 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 2 هزار 58 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 97 هزار 64 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 24 ڊالر لاٿ سان 4 هزار 406 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like