وزيراعظم جي نوازشريف سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم شهباز شريف نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ڪشمير ۾ نئين وزيراعظم جي نامزدگي تي غور ڪيو ويو.ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ نئين وزيراعظم کي نامزد ڪرڻ بابت پڻ غور ويچار جاري رهيو.وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف جي ملاقات ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي. ملاقات ختم ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جاتي امرا مان واپس روانو ٿي ويو.

You might also like