سول ايوارڊ: انڌو ورهائي ريوڙيون، وري وري ڏئي پنهنجن کي!

علي احمد ڍلون

پاڪستان ۾ هر سال سرڪاري اعزاز ورهائڻ جي روايت رهي آهي. طب، ادب، سماجي خدمتن ۽ سيڪيورٽي ادارن ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن کان هر سال پهرين مارچ تائين ڪابينا ڊويزن طرفان مختلف وفاقي ۽ صوبائي وزارتن کان قومي اعزازن لاءِ اهل ماڻهن جون سفارشون طلب ڪيون وينديون آهن. ٽن نامزدگي ڪميٽين طرفان مئي ۽ جولاءِ جي وچ ۾ انهن نالن تي غور ڪيو ويندو آهي ۽ منظوري کان پوءِ هڪ سمري وزيراعظم جي معرفت صدر ڏانهن موڪلي ويندي آهي. صدر 14 آگسٽ تي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوانِ صدر مان اعزاز ماڻيندڙن جي نالن جو اعلان ڪندو آهي.

  23 مارچ تي پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد کان علاوه صوبائي گادي وارن شهرن لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ اعزاز ورهائڻ جون تقريبون منعقد ٿينديون آهن. پرڏيهي شخصيتن کي صدرِ مملڪت ايوانِ صدر ۾ ڪنهن به وقت اعزاز ڏئي سگهي ٿو. هن سال به پاڪستان سول ايوارڊز جو اعلان 14 آگسٽ تي ٿيو ته وري اهو ئي ٿيو، جيڪو 79 سالن کان ٿيندو اچي رهيو آهي. يعني فهرست ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن، جيڪي شايد ان ميرٽ تي پورا نه لهندا هجن. پر ڪنهن سان شڪايت ڪجي، جڏهن سڄو وڻ ئي سڪل هجي ته پوءِ اها ڳالهه ڪيئن ممڪن آهي ته ڪا هڪ اڌ ٽاري سائي هجي! مقصد ته پاڪستان جي 79 سالن جي تاريخ ۾ موجوده نظام بي ڌڙڪ پنهنجي نوازش جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هن وقت تائين پنهنجي ئي وفاقي ڪابينا جي 19 ميمبرن کي سول ايوارڊ ڏنا ويا آهن. هن ورهاست ۾ 10 وزير ملڪ جو سڀ کان وڏو اعزاز ”نشانِ امتياز“ به حاصل ڪري چڪا آهن.

خير، هن ڀيري جن سول شخصيتن کي اعزازن سان نوازيو ويو، انهن جو انگ 355 آهي. انهن ۾ نمايان نالو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو آهي، جن کي نشانِ امتياز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي وزير خزانه ۽ محصولات محمد اورنگزيب، وفاقي وزير اسٽيبلشمينٽ ۽ اقتصادي معاملن احد خان چيمه ۽ مملڪتي وزير خزانه بلال اظهر ڪياني لاءِ به نشانِ امتياز جي سفارش ڪئي وئي آهي. عالمِ دين حافظ طاهر اشرفي کي تمغه امتياز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه صحافت جي شعبي ۾ محمد صالح ظفر ۽ حاجي نواز رضا لاءِ ستاره امتياز، جڏهن ته سيد حامد غزنوي ۽ محمد عامر خان کي فوٽوگرافي جي شعبي ۾ اعزاز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. صحافت جي شعبي مان عمار مسعود، محمد رياض خان، ثقافتي صحافت سان لاڳاپيل صحافي شعيب احمد، ڊاڪٽر ماريا ذوالفقار، عادل شاهزيب، حماد حسن ۽ تصور عرفات لاءِ صحافت جي شعبي ۾ تمغه امتياز جي سفارش ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح سائنس، انجنيئرنگ ۽ طب جي شعبن ۾ پڻ ڪيترين ئي شخصيتن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

بهرحال، باقي شخصيتن کي ڇڏي ڏيو، توهان اهو ڏسو ته اسحاق ڊار يا محسن نقوي کي ايوارڊ جي ضرورت آهي؟ مطلب، توهان اقتدار ۾ هوندي به سول اعزازن کي نه ٿا ڇڏيو! اسحاق ڊار نائب وزيراعظم آهن، انهن وٽ پرڏيهي وزارت جو قلمدان به آهي. ان کان پوءِ ڇا ڪا ضرورت باقي رهي ٿي ته کين اعزاز ڏنو وڃي؟ يا وري گهرو وزير، جن وٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جو عهدو به آهي، هو آءِ سي سي جا ايشيائي صدر به آهن، پاڪستان جا سينيٽر به آهن ۽ ان کان علاوه منشيات جي خاتمي واري وزارت جو قلمدان به رکن ٿا. جڏهن توهان وٽ ايترا عهدا هجن ته پوءِ سول اعزاز جي ڪا وقعت باقي رهي ٿي؟ جيڪڏهن اهي اعزاز ملي به ويا ته ڇا انهن جي قد ۾ ڪا گهٽتائي يا واڌ ٿيندي؟ سواءِ ان جي ته سندن مخالفن کي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو. توهان رڳو ايترو ٻڌايو ته ڇا کين ڪنهن عالمي اداري طرفان ڪو اعزاز ڏنو ويو آهي؟ جيڪڏهن ٻاهرين ڪنهن اداري طرفان به کين اعزاز لاءِ نامزد ڪيو ويو هجي ها ته اسان سمجهون ها ته پاڪستان ۾ به کين ايوارڊ ملڻ گهرجي. يعني هڪ سادو سوال آهي: ڇا اسان هن ذهنيت کي ختم نٿا ڪري سگهون ته سول اعزازن جي بندر بانٽ بند ڪئي وڃي؟ ها، توهان ميرٽ تي اعزاز ڏيو. جيڪي ان جا حقدار آهن، انهن جي مدد به ڪريو ۽ کين اعزازن سان به نوازيو، پر ائين نه ڪريو جو پنهنجي پسنديده صحافين، سياستدانن وغيره جي اعزازن جو جمعو بازار لڳائي ڇڏيو. توهان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڏيڍ ارب آبادي مان رڳو 131 ماڻهن کي سول اعزاز سان نوازيو ويو، جڏهن ته هتي ان کان پنج ڀيرا گهٽ آباديءَ واري ملڪ ۾ ساڍا ٽي سئو ماڻهن کي اعزاز ڏنا پيا وڃن.

هاڻي هڪ فوٽوگرافر کي رڳو ان ڪري ايوارڊ مليو آهي ته هو نواز شريف جو فوٽوگرافر هو، ۽ هڪ صحافي کي رڳو ان ڪري اعزاز ڏنو پيو وڃي ته هو انهن جي شان ۾ قصيدا پڙهي رهيو آهي. مطلب، ميرٽ نالي ڪا شيءِ ناهي. بس ميرٽ اهو آهي ته جيڪو توهان جي تعريف ڪري، جيڪو توهان جي مخالفن کي لتاڙي، ان کي اعزازن سان نوازيو وڃي. ۽ رڳو ايترو ئي ناهي، اهڙو عمل هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي. 2019ع ۾ علي ظفر خلاف ميشا شفيع وارو ڪيس هليو ۽ عمران خان جي دور ۾، يعني 2020ع ۾، کيس سول ايوارڊ ڏئي ڇڏيو ويو. پوءِ اهي ماڻهو ايترو صبر به نٿا ڪن ته ڪيس جو فيصلو ته اچڻ ڏين!

مختصر ڳالهه اها آهي ته توهان ايتري مهرباني ڪريو جو هڪ ميرٽ مقرر ڪري ڇڏيو، جيئن توهان جي نامزد ڪيل ماڻهن تي ڪو آڱر نه کڻي سگهي. اهو ائين ئي آهي جيئن نوبيل انعام لاءِ صدر ٽرمپ لک ڪوششون ڪري، پر جيڪڏهن هو ميرٽ تي پورو نه لهندو هجي ته ڪميٽي کيس امن جو نوبيل انعام نه ڏيندي. اها ڪميٽي ائين ڪري پنهنجي ميڊل جي اهميت ڪڏهن به گهٽ نه ڪندي. پوءِ جڏهن توهان ميرٽ مقرر ڪريو ته اهو به واضح ڪريو ته ڪهڙن معيارن تي پورو لهڻ لازمي هوندو.

اهو نه ٿيڻ گهرجي ته هڪ عارضي ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ ان کي چيو وڃي ته اهي پنهنجي پسند جي ماڻهن جي فهرست تيار ڪن، جيڪي مستقبل ۾ به انهن سان گڏ هلندا رهن، ته جيئن کين اعزازن سان نوازيو وڃي. پوءِ توهان اهو به ڏسو ته پوليس لاءِ سول اعزازن ۾ پنجاب کان ٻاهر جو هڪ به آفيسر شامل ناهي. يعني خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ جا پوليس آفيسر يا ته نااهل آهن يا وري اهي ان ميرٽ تي پورا نه لهندا هوندا!

جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ جانيون خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ قربان ٿين ٿيون. اتي ته پوليس آفيسرن کي اها به خبر نه هوندي آهي ته شام جو هو واپس گهر پهچندا به يا نه. ڪراچي ۾ به ڏسي وٺو ته پوليس کي ڪيترا خطرا درپيش آهن، پر اسان جي فهرستون تيار ڪندڙ ماڻهو شايد ان معاملي ۾ به ڊنڊي هڻڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهن ٿا. شايد پنجاب وارن کي عدالت کان ٻاهر قتل ڪرڻ تي وڌيڪ اعزاز ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته اهڙو عمل رياست جي رِٽ خلاف آهي ۽ عدليه جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. تنهن ڪري سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ماوراءِ عدالت قتل ڪرڻ اصل ميرٽ آهي يا عوام جي خدمت ڪندي شهيد ٿيڻ؟

هتي مان اهو به ٻڌائيندو هلان ته نامزدگيون ڪندڙ ڪميٽيءَ جو سربراهه منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال آهي، جنهن هڪ ٽوئيٽ ڪري الله جو شڪر ادا ڪيو ته هو ان ايوارڊ ڪميٽيءَ جو سربراهه آهي، جيڪا هر سال انهن ماڻهن جا نالا حتمي ڪري ٿي، جن کي رياستِ پاڪستان مختلف ڪيٽيگريز ۾ اعزازن جو حقدار سمجهي ٿي. حد ته اها آهي ته هو پاڻ به داد گهري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته انهن اعزازن تي سندن ڪريڊٽ ضرور بڻجي ٿو. يعني شاعر چئي رهيو آهي ته هڪ نشانِ امتياز انهن لاءِ به هجڻ گهرجي! ڇا احسن اقبال هڪ ڀيرو به اهو نه سوچيو هوندو ته جن صوبن ۾ پوليس وارا بهادريءَ سان دهشتگردن سان ڪيترن ئي سالن کان وڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، اتي کان هڪ به اهڙو پوليس آفيسر نه مليو، جنهن کي احسن اقبال صاحب جي ڪميٽي ايترو اهل سمجهيو، جيترو هو آءِ جي پنجاب يا ڪچي آپريشن ڪندڙ ٻن آفيسرن کي سمجهن ٿا؟ مڃون ٿا ته اهي ٽيئي بهادر آفيسر هوندا ۽ انهن جو انعام وٺڻ حق هو، پر توهان اهو ڪيئن وساري سگهو ٿا ته بلوچستان ۾ سنڌ يا پنجاب مان ڪو به ماڻهو وڃي پوسٽنگ وٺڻ نٿو چاهي. جيڪڏهن پنجاب مان ڪنهن آفيسر جي بلوچستان ۾ پوسٽنگ ٿي وڃي ته هو نوڪري ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، پر صوبو جوائن نه ڪندو. دنيا جون سفارشون ٿينديون ۽ اهي پنجاب ۾ او ايس ڊي لڳي ويندا، پر بلوچستان ۾ آر پي او يا ڊي پي او نه لڳندا. پر جن جي سفارش نه هوندي، انهن کي بلوچستان موڪليو ويندو. ڇو ته اهي هر روز پنهنجي جان هٿ تي رکي گهر کان نڪرندا آهن ۽ کين ڪا خبر نه هوندي آهي ته شام جو زنده واپس ايندا يا سندن لاش لاهور ۾ ٻارن ڏانهن موڪليو ويندو. يقين نه هجي ته پاڻ خبرون ڏسي وٺو. بلوچستان ۾ ڪالهه ئي گهرو وزير تي حملو ٿيو، جنهن ۾ 9 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿيا. گهرو وزير، جيڪو 14 آگسٽ تي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ لاءِ قلات ويو هو، مشڪل سان بچي سگهيو.

اهڙيءَ طرح خيبرپختونخوا ۾ بهادر پشتون دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهن. روز پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن. طالبان خلاف وڙهي رهيا آهن. بنون جي ڊي پي او فرقان بلال ۽ سندس پوليس فورس جي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ اهي جشن ملهائي رهيا هئا ته طالبان جي هڪ گروهه کين ڌمڪي ڏني هئي ۽ بنون جي بهادر پوليس کين جوابي ڌمڪي ڏئي آپريشن ڪيو ۽ ان گروهه کي ختم ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي بهادر پشتون سپاهين جيڪا تقرير ڪئي ۽ جيڪو جوش ڏيکاريو، اهو ڏسي توهان جو دل به واهه واهه ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو. ڇا بنون جي ڊي پي او جي بهادري به ڪنهن جي نظر مان نه گذري؟

بهرحال، اسان جي ملڪ جي صورتحال اها آهي ته هتي اهو نٿو چيو وڃي ته قانونن تي عمل ڪرايو، بلڪه سيڪيورٽي ادارن کي چيو وڃي ٿو ته ايترا ڪيس داخل ڪرڻا آهن، جيئن ٽريفڪ وارڊنز کي چيو ويندو آهي ته شام تائين ايتري رقم جا چالان ڪرڻا آهن. اهو نٿو چيو وڃي ته ٽريفڪ جي رواني يقيني بڻائڻي آهي، بلڪه ٽارگيٽ مقرر ڪيا وڃن ٿا ۽ چيو وڃي ٿو ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي ترقيءَ جو معيار ڏنڊ ڪرڻ ۽ پئسا گڏ ڪرڻ آهي ته پوءِ هتي ميرٽ جو الله ئي حافظ آهي. ۽ رهي ڳالهه ميڊلن جي، ته جيڪڏهن ميڊل ورهائڻا آهن ته ميرٽ تي ورهايو، ٻي صورت ۾ ڪنهن جي تذليل نه ڪريو!

You might also like