پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ واري نظام کي جام ڪنداسين ۽ حڪومت کي پوئتي هٽڻو پوندو، پشاور ۾ پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته روزانو رات جي اونداهي ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ قبول ناهي، پيٽروليم ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻو پوندو، هن وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي پيٽروليم ليوي جو مسئلو حل ڪرڻو پوندو، ڪو به اسان کي حب الوطني جو سبق نه سيکاري ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ بند ڪيا وڃن، هن چيو ته هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سياسي جماعتن کي عوام جي مسئلن جو ادراڪ ناهي، هن واضح ڪيو ته جماعت اسلامي باهه ۽ گهيراءُ واري سياست نٿي چاهي، سڄي ملڪ ۾ 12 ربيع الاول کان پوءِ تاريخي هڙتال ٿيندي ۽ ملڪ بند ٿي ويندو.