ڄامشورو/حيدرآباد (نمائندن وٽان)حيدرآباد مان جسقم اڳواڻ آڪاش ملاح کنڀجي گم ڪرڻ خلاف قومي ڪارڪنن واڌو واھ گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو، پوليس چڙهائي ڪري مرڪزي پريس ترجمان سميت 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڇڏيو، ان سلسلي ۾ گڏيل ڪيل ڄاڻ موجب ٻه اڳ ڏينهن حيدرآباد جي ڀٽائي ننگر پوليس گلستان سجاد ۾ چڙهائي ڪري جسقم جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، آڪاش ملاح جي گرفتاري خلاف قومي ڪارڪنن جسقم جي مرڪزي پريس سيڪريٽري آزاد ڪنڀر، ضلعي حيدرآباد جي صدر آصف پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاسم آباد جي واڌو واھ گيٽن وٽ پهچي حيدرآباد باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻي نعري بازي شروع ڪئي ته نسيم ننگر سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس پهچي قومي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ لٺبازي شروع ڪري ڏني جنهن تي ڪارڪنن مزاحمت ڪئي ته پوليس ويتر مڇرجي پئي ۽ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ آزاد ڪنڀر، ضلعي صدر حيدرآباد آصف پنهور سميت 20 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو جن جو پتو نه پئجي سگهيو، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ علي انور چانڊيو ٻڌايو ته آڪاش ملاح کي غيرقانوني کنڀڻ خلاف قومي ڪارڪنن پرامن احتجاج ڪيو ته پوليس سندن مٿان ڪڙڪي پئي ۽ تشدد بعد آزاد ڪنڀر ، آصف پنهور سميت 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، رياستي ڏاڍ خلاف پرامن احتجاج جاري رهندو فورن آڪاش سميت سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.