اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ايم اين اي شير افضل مروت چيو آهي ته هڪ طرف گهرو وزير چئي رهيو آهي ته سسٽم ڪوليپس (تباهه) ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏ ئي نون صوبن جي جوڙجڪ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن پيا. ڇا28هين آئيني ترميم اچي رهي آهي،جنهن جو مون کي اندازو آهي ته اها اچي پئي، قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته مان هن معزز ايوان جي آڏو هڪ سوال ٿو رکان ته ڇا هي ايوان ڇا صرف مائيڪن، قالينن ۽ سرخ ڪارپيٽن جو نالو آهي؟ يا هن ايوان ۾ موجود هر اسيمبلي ميمبر جي ان راءِ کي ايوان چئبو آهي جنهن ۾ هو آزادي سان ‘ها’ يا ‘نه’ چئي سگهي؟هن چيو ته بار بار ائين ڇو پيو ٿئي جڏهن کان هي ايوان بڻيو آهي ته هتي جيڪي به فيصلا ٿين ٿا، انهن جي خبر اسان کي هتي ملڻ بدران ٻاهران پوي ٿي؟ ۽ هتي اچي انهن فيصلن تي صرف تصديق جي مهر لڳائي ويندي آهي. ڇا اسان صرف مَهرَ لڳائڻ لاءِ ويٺا آهيون؟هن چيو ته ڇا هن سڄي ايوان ۾ ويٺل پارٽين مان ڪنهن هڪ پارٽيءَ به 28هين آئيني ترميم ۾ نون صوبن جي قيام بابت ڪو خاڪو پيش ڪيو آهي؟ ڇا ڪنهن سياسي پارٽيءَ نون صوبن بابت وسيلن جي ورڇ، حدبندين يا تڪ بندين جي حوالي سان ڪنهن پارلياماني ڪميٽيءَ کي بليفنگ ڏني آهي؟ ڇا ڪا پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي؟هن چيو ته هڪ طرف گهرو وزير صاحب چوي ٿو ته سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي، ۽ ان سان گڏ ئي نون صوبن جو افواهه ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن 28هين آئيني ترميم اچي رهي آهي جيڪا منهنجي اندازي موجب اچي ئي پئي، چاهي توهان مان ڪو چاهي يا نه چاهي جيڪڏهن نوان صوبا بنجن ٿا ۽ پاڪستانين کي فائدو ٿئي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي، ڇو ته ان ۾ اسان جي ۽ اسان جي مستقبل جي ٻارن جو سوال آهي، هن چيو ته اسان کي ڏسڻو پوندو ته اڄ جيڪو هيڏو وڏو تاريخ ساز فيصلو ٿيندو، ان ۾ هن ايوان جو ڪو عملي ڪردار هوندو؟ هتي پارلياماني معاملن وارو وزير ويٺل آهي، ڇا هو اها وضاحت ڪندو ته ڇا 28هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪا پارلياماني ڪميٽي ٺهندي؟ ڪا بحث يا گفتگو ٿيندي؟ ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ ڇا پارليامينٽ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جنهن سان اسان ٻڌائي سگهون ته جيترا وڌيڪ يونٽ ٺهندا، اوترو ئي ماڻهن کي فائدو ٿيندو،هن چيو ته جيڪڏهن 28هين آئيني ترميم ۾ اهڙيون شيون اچي رهيون آهن، ته ڇا بهتر نه ٿيندو ته هڪ قومي بحث يا گفتگو شروع ڪئي وڃي، ته جيئن حتمي فيصلي تي مهر لڳائڻ کان اڳ اسان کي خبر هجي ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟