سنڌ جي وحدت ۾ ڪا به تبديلي نٿي آڻي سگهجي:سنڌ ايڪشن ڪميٽي

حيدرآباد (رپورٽ حسيب لطيفي)سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آھي ته سنڌ ھن فيڊريشن ۾ پنھنجي مرضيءَ سان شامل ٿي ھئي، اسين  حڪمرانن تي واضح ٿا ڪيون  ته سنڌ جو عوام سنڌ وطن جو ورھاڱو قبول نه ڪندو جيڪڏھن اھڙي سازش ٿي  ته ان خلاف سخت عوامي مزاحمت ٿيندي اسين پنھنجي تاريخي وطن جي حفاظت ڪنداسين ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير خان) جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين آصف بالادي، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي صدر سيد مسرور شاھ، سنڌ صوفي فورم جي سرواڻ بدر چنا چيو ته  22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ وحدتِ سنڌ مارچ جون تياريون مڪمل آھن،مارچ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان سنڌ ايڪشن ڪميٽي سان لاڳاپيل تنظيمن جا ڪارڪن ۽ سنڌ دوست ڌريون ۽ عوام ھزارن جي انگ ۾ شرڪت ڪندو. روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سبب سنڌ تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي. سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو.سيد مسرور شاهه چيو ته سنڌ 1940 ۾ سنڌ سوشل ڪانٽريڪٽ تحت هن فيڊريشن جو حصو بڻي هئي تنهنڪري سنڌ جي عوام جي رضامندي کانسواءِ سنڌ جي وحدت يا آئيني حيثيت ۾ ڪا به تبديلي نٿي آڻي سگهجي. آصف بالادي چيو ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن جا آهن ، ان تي بنيادي حق سنڌ جي عوام جو آهي. ان موقعي تي سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، ايس يو پي اڳواڻ آفتاب خانزادو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like