آخر ڪراچي ’وفاق‘ جي حوالي ڇو ڪجي؟

مظهر عباس

اڃا ته اسان اڳوڻي صدر جنرل ضياءُ الحق جي 11 سالن واري ’سونهري دور‘ جي سحر مان ٻاهر نه نڪتا آهيون ته قوم کي هڪ نئين دور جي نويد ٻڌائي پئي وڃي، جنهن جا خاڪا اڃا تائين سرڪاري طور تي سامهون نه آيا آهن. البت هڪ وزير صاحب جي زبان مان نڪتل لفظن کي بهرحال هڪ واضح پيغام تصور ڪيو پيو وڃي. ڳالهه نون صوبن کان نڪري وڌيڪ انتظامي يونٽن کان ٿيندي بااختيار مڪاني نظام تائين اچي پهتي آهي. هاڻي سڄي ڪهاڻي ۾ ان جو ذڪر آهي يا نه، پر ڪٿي نه ڪٿي پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۽ معاشي مرڪز ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. ڏسون ٿا ته جڏهن ڪو فيصلائتو اعلان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ ۾ ته حڪمران چونڊيل هجن يا هائبرڊ، سڀئي ’اختيار‘ چاهين ٿا. هاڻي خبر ناهي ته اهي مڪاني ادارن کي اختيار ڏيندا به يا نه.

مون کي خبر ناهي ته جيڪڏهن موجوده نظام ناڪام ٿي ويو آهي، ادارا زوال پذير آهن ته آخر اهي ڪهڙيون قومي خدمتون ۽ ڪهڙي ڪارڪردگي آهي، جنهن جي بنياد تي ڪجهه وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن کي ’اعليٰ خدمتن‘ جي عيوض صدرِ پاڪستان يا خود حڪومت سرڪاري اعزاز لاءِ نامزد ڪيو آهي؟ جڏهن توهان ڪنهن کي ڪنهن جي حوالي ڪندا آهيو ته ان ڳالهه جي تسلي ضرور ڪندا آهيو ته هو اهو بار کڻي به سگهي ٿو يا نه. مون وڏي ڪوشش ڪئي ته اها معلومات حاصل ڪري سگهان ته اهي ڪهڙا ’وفاقي ادارا‘ آهن، جيڪي وفاق جي ڪنٽرول هيٺ ترقي ڪري رهيا آهن. هڪ طرف وفاق پنهنجو بار لاهي خانگي ادارن حوالي ڪري رهيو آهي، ته ٻئي طرف 3 کان 4 ڪروڙ آبادي واري شهر کي وفاق جي اثر هيٺ آڻڻ جي منطق پيش ڪئي پئي وڃي.

اسان حقيقت ۾ ڪراچي سان مسلسل فٽبال کيڏندا آيا آهيون؛ ڪڏهن وفاقي گادي، ڪڏهن صوبائي گادي ۽ ڪڏهن شهر کي وفاق جي ماتحت آڻڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن. اسان جي وفاق جو حال ته اهو آهي جو هو ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ ٻين راندين جا بورڊ به سنڀالي نٿو سگهي. پي آءِ اي، ريلوي ۽ پاڪستان اسٽيل هلائي نه سگهيو، ته پوءِ هن شهر کي ڪيئن سنڀالي سگهندو؟ اسان جي تضادن جي حالت اها آهي ته هڪ طرف ڪجهه ادارن جا هيڊڪوارٽر ڪراچي مان منتقل ڪيا ويا ۽ هاڻي ڪراچي کي ئي ’منتقل‘ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هاڻي ڳالهه ڪٿي وڃي بيهندي، ان لاءِ ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.

البته جيڪڏهن هن عروس البلاد کي بااختيار مڪاني حيثيت ملي وڃي ۽ هڪ مضبوط، بااختيار پر جوابده نظام قائم ٿئي ته اها غلط سمت نه هوندي. رڳو ڪراچي نه، پر سڄي ملڪ ۾ اهڙو نظام آندو وڃي ته ان تي قومي اتفاقِ راءِ ڪافي حد تائين ممڪن آهي.

منهنجي ناقص راءِ ۾ باقي بحث ڪنهن ٻئي وقت لاءِ ڇڏي ڏيون. هن وقت حڪومت، پارليامينٽ سميت مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي. ۽ خدا جي واسطي ان ’غير جماعتي‘ نظام مان ٻاهر اچو، جيڪو ڪڏهن بنيادي جمهوريت جي نالي تي اچي ٿو ته ڪڏهن غير جماعتي بنيادن تي چونڊن ذريعي متعارف ڪرايو وڃي ٿو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هن سال جي آخر ۾ پنجاب ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊون به ساڳئي ’غير جماعتي‘ انداز ۾ ڪرايون پيون وڃن. هاڻي مسلم ليگ (ن) جو هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي ته اها نه پنهنجي سياسي وارث کي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، نه ئي ان جي نافذ ڪيل نظام کي. بلڪه هو ان کي هڪ مڪس پليٽ بڻائڻ چاهين ٿا. يعني چونڊون غير سياسي ۽ غير جماعتي بنيادن تي وڙهو ۽ پوءِ ڪنهن جماعت جو حصو بڻجي وڃو.  1979ع، 1983ع ۽ 1987ع جون مڪاني چونڊون ۽ 1985ع ۾ غير جماعتي بنيادن تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو هو. ملڪ ۾ جڏهن مارشل لا لڳندو آهي ته حقيقت ۾ سڄو ملڪ ئي وفاق جي ڪنٽرول ۾ هليو ويندو آهي. جنرل ضياءُ الحق جي ’سونهري دور‘ ۾ به ڪجهه ائين ئي ٿيو. اڄ ته خراب ۽ ٽٽل رستن تان گذرندي گهٽ ۾ گهٽ گهر ته پهچي وڃون ٿا، پر ان وقت تائين، جيستائين پٽ يا ڌيءَ گهر واپس نه اچي، ماءُ پيءُ کي اطمينان نه ٿيندو هو. منشيات ۽ هٿيار ان سونهري دور جي خاص سڃاڻپ رهيا. خود سنڌ صوبي اندر سياسي ورهاست وڌندي وئي، جنهن سبب صوبو معاشي طور تي ترقي نه ڪري سگهيو. ان ۾ ڪافي حد تائين وفاق جي سياست ڪندڙ جماعتن جي به ذميواري آهي.

هاڻي جيڪڏهن ڪراچي وفاق جي انتظام هيٺ هليو وڃي ٿو ته سوال اهو آهي ته هن شهر سان وفاق هينئر تائين جيڪو ڪجهه ڪيو، ڇا اهو ڪافي نه هو؟ ٻيو سوال اهو آهي ته جڏهن به ملڪ ۾ ڪا سياسي، يعني سول حڪومت ختم ڪرڻي پوي ٿي ته ظاهر آهي وفاقي حڪومت کي ئي برطرف ڪيو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ هن شهر جو ڪنٽرول ڪڏهن هڪ هٿ ۾ هوندو ته ڪڏهن ٻئي هٿ ۾. تنهن ڪري هن سڄي مسئلي جو واحد حل اهو آهي ته اختيارن جي سياسي، مالي ۽ انتظامي ورڇ هيٺين سطح تائين ڪئي وڃي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو ڪم قانون سازي ۽ بنيادي پاليسيون ٺاهڻ هجي. پارلياماني نظام جو تصور آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا کان سواءِ ممڪن ناهي. احتساب کي اسان جي ملڪ ۾ هميشه سياسي انداز ۾ استعمال ڪيو ويو آهي؛ ايوب خان کان وٺي نيب ۽ پيڪا تائين. جنهن طرح اسان ادارن کي بااختيار بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن طرح آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اهڙيءَ طرح هڪ بااختيار پارليامينٽ ۽ بااختيار وزيراعظم جي ڳالهه به ڪرڻي پوندي. انهن سڀني مسئلن جو حل نه ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ ۾ آهي، نه وڌيڪ انتظامي يونٽ ٺاهڻ ۾ ۽ نه ئي نوان صوبا ٺاهڻ ۾.

خدا جي واسطي! اڳ ئي اسان تمام گهڻو ورهايل آهيون، وڌيڪ ورهاست نه ڪريو. حل آئين جي آرٽيڪل 140-اي ۾ انتهائي غير مبهم انداز ۾ واضح آهي، ۽ اهو هي آهي ته صوبائي حڪومتون مڪاني ادارا قائم ڪن ۽ انهن کي مڪمل سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيار ڏنا وڃن. تنهن ڪري هن بحث کي هتي ئي ختم ڪريو ۽ آئين تي عمل ڪريو. ملڪ ۾ فوري نه ته اڳواٽ صاف ۽ شفاف چونڊون هڪ غيرجانبدار اليڪشن ڪميشن جي نگراني ۾ ڪرائي، جنهن تي سڀني کي اعتماد هجي، پاڪستان کي بنيادي سياسي حل ڏانهن وٺي وڃي سگهجي ٿو. سياسي سوچ سان ملڪ اڳتي وڌندو آهي، سرڪاري يا غيرسرڪاري سوچ سان نه.

You might also like