سنڌ ۾ 6220 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ قرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ تعليم کاتي جي مانيٽرنگ ونگ 6220 اسڪولن جون عمارتون زبون حال ۽ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيون آهن، جڏهن ته چوماسي جي برساتن دوران انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ٻين محفوظ اسڪولن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، شاگردن جي منتقلي بابت تعليم کاتي پاران هدايت نامو جاري ڪيو ويو جنهن موجب سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ زبون حال ۽ خسته حال اسڪولن جي شاگردن کي ويجهن اسڪولن ۾ منتقل ڪيو ويندو، هدايت نامي موجب سنڌ جي 30 ضلعن ۾ خطرناڪ ۽ جزوي طور زبون حال اسڪولن جي فهرست ڊپٽي ڪمشنرن کي ملي چڪي آهي، ڊپٽي ڪمشنرن کي تعليم کاتي جي اختيارين سان مشاورت ڪري متبادل انتظام ڪرڻ ۽ خطرناڪ اسڪولن جون عمارتون خالي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، بدين، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ خطرناڪ اسڪولن جو انگ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرن تعليم کاتي جي اختيارين سان مشاورت کانپوءِ شاگردن لاءِ متبادل اسڪولن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like