عمران جي اسپتال منتقلي جي فيصلي تي حڪومت پاران نظرثاني اپيل جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان کي ٻن ڏينهن اندر اسلام آباد جي خانگي اسپتال شفا انٽرنيشنل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت جو چوڻ آهي ته ڪنهن به جوابدار کي صحت بابت بنيادي حق حاصل آهي.عدالت عمران خان جي صحت بابت هڪ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم به ڏنو آهي، جڏهن ته عدالت جو چوڻ آهي ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ سندس ذاتي ڊاڪٽر فيصل ۽ سندس ڀيڻ عظميٰ خان به عمران خان سان گڏ هوندي. سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ ۾ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر فيصل ۽ ڊاڪٽر عظميٰ خان به شامل هوندا.ان کانسواءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ اهو حڪم پاڪستان تحريڪِ انصاف جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا ۽ عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان جي درخواستن تي ڏنو آهي، جن اڳوڻي وزيراعظم جي صحت ۽ ساڻس ملاقاتن تي پابندي بابت درخواستون داخل ڪرايون هيون.جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن رڪني بئنچ پنهنجو حڪمنامو ٻڌائيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي صحت بابت پي ٽي آءِ ڪا سياست نه ڪندي ۽ اڳوڻو وزيراعظم ايندڙ ٻڌڻي تائين اسپتال ۾ ئي رهندو. عدالت انهن درخواستن جي ايندڙ ٻڌڻي 16 سيپٽمبر مقرر ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ اهو پڻ چيو آهي ته عمران خان جي علاج تي ايندڙ سمورا خرچ سندس خاندان ادا ڪندو.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عمران خان کي جڏهن اسپتال منتقل ڪيو وڃي ته اتي امن امان جي صورتحال ۾ ڪو خلل پيدا نه ٿيڻ گهرجي.  عدالت لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ علاج ۽ سهولتن جو خرچ ‘قيدي يا سندس خاندان’ برداشت ڪندو. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي (16 سيپٽمبر) تائين، عمران خان جو خاندان، سندس سياسي پارٽي جا ميمبر يا وڪيل ميڊيا ۽ عوام جي سامهون طبي رپورٽن يا صحت تي بحث نه ڪندا. عدالت پنهنجي حڪم ۾ حڪومت ۽ اختيارين کي اهو به هدايت ڪئي آهي ته عمران خان هفتي ۾ ٻه ڀيرا فون تي پنهنجي پٽن سان ڳالهائي. حڪم ۾ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي خاندان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال جي حدن اندر ڪا به سياسي گڏجاڻي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عدالت خبردار ڪيو آهي ته هدايتن جي خلاف ورزي جي صورت ۾، هن حڪم تحت مهيا ڪيل سهولتون واپس ورتيون وينديون.ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته عمران خان جي اسپتال ۾ رهڻ جي عرصي دوران ضروري سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن. جڏهن انهن درخواستن جي ٻڌڻي شروع ٿي ته ٽن ميمبرن واري بينچ جي سربراهه جسٽس شاهد وحيد پڇيو ته ‘عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟’ هن چيو ته عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ميڊيڪل رپورٽ جو خلاصو آهي. بينچ جي سربراهه اسلام آباد جي ايڊووڪيٽ جنرل کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ سڀئي رڪارڊ جمع ڪرايا وڃن ۽ جيڪو به عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻجي ٿو اهو ‘ڳجهو نه رهندو.’عدالت پڇاڻو ڪيو ته عمران خان ۽ سندس ڀينرن کي ملڻ جي اجازت ڇو نه ڏني پئي وڃي. ان تي اسلام آباد جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته، ‘جيڪڏهن ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ملاقات نه ٿيندي.’ ان تي، ٽي رڪني بينچ جي سربراهه ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ڪندي چيو ته، ‘جيڪڏهن ڪو غير قانوني ڪم ڪندو ته ڇا توهان به غير قانوني ڪم ڪندا؟’ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجين ڀينرن سان ملاقات ڪري ۽ ‘انهن سان ملاقات ڪرائي ڪو به احسان نه ڪيو پيو وڃي.  جسٽس نعيم اختر افغان، جيڪو هن ٽي رڪني بينچ جو حصو هو، اسلام آباد جي ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ڪندي چيو ته، ‘توهان جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي اينجيوگرافي ڪرائڻ جي ضرورت آهي، ڇا اينجيوگرافي جيل ۾ ٿي سگهي ٿي؟’ جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته اينجيوگرافي صرف جيل کان ٻاهر اسپتال ۾ ٿي سگهي ٿي.جسٽس شاهد وحيد ريمارڪس ڏنا ته ‘عمران خان جي صحت بابت جيڪا ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي، ان جي سمري موجب، نه نبض ۽ نه دل نارمل آهن. جڏهن ته طبي رپورٽن موجب، سندس اهم عضوا متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. عدالت اسلام آباد جي ايڊووڪيٽ جنرل کان عمران خان خلاف ڪيسن جا سمورا تفصيل طلب ڪيا آهن. عدالت اهو به چيو ته ‘اهو به ٻڌايو وڃي ته اڳوڻي وزيراعظم کي ڪيترين ڪيسن ۾ سزا ملي آهي؟ ڪيترين ڪيسن ۾ کيس سزا ملي آهي؟ ۽ ڪيترا ڪيس مختلف عدالتن ۾ اڃا تائين التوا ۾ آهن. جڏهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صحت ۽ ان سان ملاقاتن جي انڪار بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿوري وقفي کان پوءِ ٻيهر شروع ٿي، ته درخواستگذار جي وڪيل ۽ عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان، عزير ڀنڊاري، عمران خان جي صحت بابت خدشن جو اظهار ڪيو.هن دعويٰ ڪئي ته جيل ۾ سندس سنڀال نه ٿي رهي آهي جيئن آئين ۽ قانون ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ اڳوڻي وزيراعظم جي حيثيت سان، عمران خان کي اهي طبي سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن جن جو هو حقدار آهي. هن عدالت کان درخواست ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال شفا انٽرنيشنل منتقل ڪيو وڃي. بينچ جي سربراهه پڇيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي هن خاص اسپتال ۾ ڇو منتقل ڪيو وڃي جڏهن ته اسلام آباد ۾ سرڪاري اسپتالون به آهن. ان تي وڪيل عزيز ڀنڊاري چيو ته عمران خان کي "اهڙي بيماري آهي جنهن لاءِ پمز ۾ ڪو به ماهر ڊاڪٽر ناهي.  بينچ جي سربراهه پڇيو ته، "جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي ٿو ته اتي ڪهڙا سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا؟ ۽ ڇا اتي امن امان جي صورتحال نه هوندي؟ اهو ٻڌڻ تي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ اسلام آباد جا ايڊووڪيٽ جنرل، جيڪي عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا، روسٽرم تي آيا ۽ چيو ته انهن درخواستن تي انهن کي نه ٻڌو ويو ۽ نه ئي انهن کي ڪو نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن تي ٽن ميمبرن واري بينچ جي سربراهه جسٽس شاهد وحيد، انهن کي مخاطب ڪندي چيو، ‘انصاف ڪريو’. جسٽس شاهد وحيد ريمارڪس ڏنا ته، ‘توهان ماڻهو صبح کان عدالت ۾ ويٺا آهيو ۽ هي سڀ ڪارروائي توهان جي سامهون ٿي آهي، پوءِ اهو ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته توهان کي نه ٻڌو ويو يا ڪو نوٽيس جاري نه ڪيو ويو.’پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي ۽ عمران خان جون ڀينرون پڻ انهن درخواستن جي ٻڌڻي دوران موجود هيون. جڏهن عدالت عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم لکي رهي هئي، ته بئريسٽر گوهر عدالت کي يقين ڏياريو ته عمران خان جي صحت يا سندس ميڊيڪل رپورٽ بابت عدالت کان ٻاهر ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي.ان تي، ٽي رڪني بينچ جي سربراهه چيو ته ‘جيڪڏهن ميڊيڪل رپورٽ تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عدالت پنهنجي حڪم ۾ لکيل سڀئي سهولتون واپس وٺي ڇڏيندي. ٻڌڻي کان پوءِ، عدالت کان ٻاهر ڪجهه صحافين سپريم ڪورٽ جي حڪم بابت عمران خان جي ڀينرن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انهن چيو ته انهن ‘سپريم ڪورٽ ۾ واعدو ڪيو آهي ته اهي عمران خان جي صحت بابت ميڊيا سان نه ڳالهائيندا.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پي ٽي آءِ باني ڪيس جي ٻڌڻي ۾ اهم تقرير ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي علاج بابت حڪم جو جائزو ورتو ويو آهي، جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ نظر ثاني اپيل ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪم جي ٻين نقطن تي به صلاح مشورا ڪيا ويا آهن. ڇا سپريم ڪورٽ جو حڪم سڀني قيدين لاءِ هوندو؟ ڇاڪاڻ ته جيلن ۾ ڪيترائي قيدي آهن جن کي صحت جا مسئلا آهن.قانون واري وزير چيو ته سزا يافته قيدين کي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته، هاڻي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ، هي حڪم سڀني قيدين تي لاڳو ٿيندو.

You might also like