بغداد (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته 40 ڏينهن واري جنگ کانپوءِ اسان خطي جو سيڪيورٽي نظام تبديل ٿيندي ڏسي رهيا آهيون، نئين نظام ۾ ٻاهرين طاقتن ۽ علائقائي حدن کان ٻاهرين ڌرين جي خطي جي معاملن ۾ مداخلت تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، محمد باقر قاليباف اربع ڏينهن عراقي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتن لاءِ بغداد پهتو، جتي هن صدر نزار آميدي سان ملاقات ڪئي.
هن وقت تائين ملاقات جا وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن.
عراقي صدر سان ملاقات کان اڳ بغداد ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي باقر قاليباف چيو ته سندس اڄوڪو عراقي دورو خطي ۾ نئين نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻاهرين مداخلت کانسواءِ سمورن علائقائي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ واري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
ايراني ميڊيا موجب، هن دوري جو مقصد ٻطرفن لاڳاپن جي واڌ، سرحدي سلامتي، انتهاپسندي خلاف ويڙهه ۽ معاشي سهڪار وڌائڻ آهي، ايراني پارليامينٽ جو هڪ وفد به ان دوري دوران ساڻس گڏ آهي.
باقر قاليباف جو عراق هي جو دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن گذريل ڪجهه هفتن دوران عراقي حڪومت ۽ ايران نواز هٿياربند گروهن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿي آهي.
ٻاهرين طاقتن جي مداخلت گهٽجي وئي، خطي جو سيڪيورٽي نظام تبديل ٿي رهيو آهي: باقر قاليباف
You might also like