”آمريڪا جو يار ايران جو غدار سمجهيو ويندو“، ايراني فوج نار ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف علي عبداللهي نار ملڪن کي آمريڪا سان فوجي سهڪار جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ علي عبداللهي نار ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن جي موجودگي جو حوالو ڏيندي چيو ته ايتري وڏي انگ ۾ فوجي جهازن، خاص طور تي ٻارڻ ڀرڻ وارن جهازن جي ميزبان ملڪن جي ڄاڻ کانسواءِ علائقائي اڏن تي مقرر ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي.
هن چيو ته ايران آمريڪي فوج کي ڏني ويندڙ ڪنهن به مدد يا سهولت کي پنهنجي فوجي قوتن خلاف ڀائيواري تصور ڪندو.
ياد رهي ته اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ دوران ايران نار ملڪن ۾ موجود انهن آمريڪي فوجي اڏن کي ڪيترائي ڀيرا نشانو بڻايو هو، جتي آمريڪي فوج مقرر آهي.

 

You might also like