مير رضا جي خون سان انصاف لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مظاهرا

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ نوجوان واپاري مير رضا ڪيس ۾ قبر ڪشائي کان پوءِ حاصل ڪيل فرانزڪ سيمپلز جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا جنهن موجب مير رضا هڪ هٿ سان نه پر ٻنهي هٿن سان فائرنگ ڪئي هئي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب مير رضا جي قبر ڪشائي دوران مجموعي طور 17 فرانزڪ سيمپلز حاصل ڪيا ويا هئا، جن مان ڊي اين اي سميت 4 سيمپلز جا نتيجا ملي ويا، جڏهن ته 13 سيمپلز جا نتيجا اڃا اچڻا آهن، ذريعن موجب مير رضا جي لاش مان گن شاٽ ريزڊيو يعني جي ايس آر جا به 4 سيمپلز ورتا ويا هئا، مير رضا جي ٻنهي هٿن تي جي ايس آر جا نشان موجود مليا آهن، فرانزڪ شاهدين مان اهو امڪان سامهون آيو آهي ته مير رضا ڪرائم سين جي ويجهو ٻنهي هٿن سان فائرنگ ڪئي هئي، ماهرن موجب ڪنهن شخص لاءِ پنهنجي چيلهه جي پويان ٻنهي هٿن سان فائرنگ ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري موجود شاهديون ان امڪان ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ته مير رضا شايد ڪنهن خطري کي محسوس ڪري فائرنگ ڪئي هجي، رپورٽ موجب مير رضا جي سيني ۽ چيلهه مان پڻ  جي ايس آر جا سيمپلز حاصل ڪيا ويا هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي وقت جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ 4 لڳي 37 منٽ ۽ 55، 56 سيڪنڊن تي هلڪي آواز پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جڏهن ته آواز اچڻ کان ڪجهه سيڪنڊن بعد چوڪيدار کي چوڌاري ڏسندي ڏسي سگهجي ٿو، ٻئي پاسي نوجوان مير رضا علي خان جي مالي معاملن ۽ قرضن جي ڏيتي ليتي ڪيس جي جاچ جو اهم رخ بڻجي وئي، جاچ ذريعن موجب جاچ ٽيم مير رضا جي بزنس پارٽنر محمد احمد کان سومر ڏينهن لڳ ڀڳ 3 ڪلاڪ تفصيلي پڇا ڳاڇا ڪئي، پڇا ڳاڇا دوران ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته 3 کان 4 ماڻهن مير رضا سان پنهنجي ڏنل قرض جي واپسي لاءِ رابطو ڪيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن مان ڪجهه ماڻهن 25 لک رپيا، جڏهن ته ڪجهه ٻين 50 لک رپيا واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، پوليس ۽ جاچ ٽيمون هاڻي رقم جو مطالبو ڪندڙ انهن سمورن ماڻهن جي ڪردار جو تفصيلي جائزو وٺي رهيون آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ وڌيڪ اهم ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو به امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي جي ٽين تلوار تي وڏي انگ ۾ نوجوانن نوجوان واپاري مير رضا جي قتل خلاف احتجاج ڪيو، مظاهرين ڊي آءِ جي اوڀر فرخ لنجار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي الزام لڳايو ته ڪيس ۾ شاهديون ڪمزور ڪيون ويون آهن، مير رضا کي مبينا طور اڳواٽ رٿابندي تحت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، مظاهرين مير رضا جي قتل جي شفاف جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪندي اختيارين تي زور ڏنو ته واقعي ۾ ملوث ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جڏهن ته ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به نوجوان رضا علي جي خون سان انصاف لاءِ نوجوانن پاران وڏي انگ ۾ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته ٽي تلوار تي احتجاج ۾ معصوم ٻارڙي ايزل جي خون سان انصاف جو به مطالبو ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته معصوم نياڻي ايزل کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي.

You might also like